الطاف شيخ ڄامشورو جي پُل مٿان اوساڪا جي ايئرپورٽ تي لهي ٻئي جهاز ذريعي جپان جي هڪ ڏاکڻي شهر فڪوڪا (صحيح لفظ فڪوئوڪا) ۾ پهچان ٿو. اتان بس ذريعي موجي (Moji) شهر ۾ اچان ٿو. جپان جو هي شهر ”موجي“ جيڪو بندرگاهه به آهي، مون لاءِ نئون نه آهي. 1988ع تائين يعني اڄ کان چوٿو صدي اڳ تائين هتي ڪيترائي دفعا پاڻيءَ واري ڪنهن نه ڪنهن جهاز کي وٺي اچڻ ٿيندو رهيو. هي بندرگاهه موجي ۽ سامونڊي درياهه جي ٻي پار وارو بندرگاهه شمونوسيڪي جيڪي اڄُڪلهه ڪيمان پُل ذريعي ڳنڍيل آهن، ڏکڻ ڪوريا جي بندرگاهن: انچان ۽ پوسان کي ائين ويجھو آهن، جيئن مورو ۽ دادو جا شهر هالا ۽ ڄامشوري کي. وچ ۾ رڳو سمنڊ جو ڪجهه حصو لتاڙڻو پوي ٿو. اسان جي جهازران ڪمپنيءَ جا جهاز جپان جي مختلف بندرگاهن ۾ سامان لاهي پوءِ ڏکڻ ڪوريا وڃڻ کان اڳ، جپان جي هن بندرگاهه موجي يا شمونوسيڪيءَ مان ٿيندا ويندا هئا. شمونوسيڪيءَ ۾ وڏا شپ يارڊ هجڻ ڪري واپسيءَ جي ڊگھي سفر لاءِ جهاز جي ضروري مرمت شمونوسيڪيءَ مان ئي ڪرائبي هئي، نه ته به سامان لاهڻ چاڙهڻ لاءِ هفتو ٻه ته ضرور بيهبو هو. هنن بندرگاهن ۾ نه فقط مڪاني ماڻهن سان ملاقاتون ۽ دوستيون وڌيون پر پنهنجن جهازي دوستن، ننڍپڻ جي ڪلاس ميٽن ۽ ڌارين جهازي آفيسرن سان پڻ ڪچهريون ٿيون. جو هتان هر جهاز جو لنگھه رهي ٿو ۽ هر وقت ڪيترن ئي ڄاڻ سڃاڻ وارن جا جهاز بيٺل ملن ٿا. هنن بندرگاهن جي هڪ هڪ رستي توڙي گھٽيءَ مان اسان جو اچڻ وڃڻ ٿيو ٿي. موجي بندرگاهه ۾ هڪ دفعو مون کي باءِ ايئر به اچڻو پيو. موجيءَ ۾ بيٺل اسان جي ڪمپنيءَ جي هڪ جهاز جو چيف انجنيئر بيمار ٿي پيو هو ۽ جهاز جي اتي مهينو کن مرمت هلڻي هئي. آئون هڪ ٻئي جهاز تي جپان جي اتراهين بندرگاهه وڪاياما (Wakayama) ۾ هوس. مون کي اهو جهاز ڇڏي هن جهاز جي مرمت تي نظر رکڻ لاءِ موجي اچڻ لاءِ چيو ويو. آئون فئمليءَ سان هئس ۽ مون موجي شهر ۾ هوٽل ۾ رهڻ بدران ڪنهن ننڍڙي گھر، (مسافر خاني) ۾ رهي پئسو بچائڻ ٿي چاهيو. ان سلسلي ۾ مون وڪاياما مان ئي موجي بندرگاهه جي مقامي آفيس وارن کي فون ڪيو، جن هڪ مسافر خاني جي پوڙهي مالڪڻ سان مون کي ڳالهرايو. موجي شهر ۾ پوڙهيءَ جي مسافر خاني طور استعمال ٿيندڙ گھر جي ڳالهه مون کي هر لحاظ کان وڻي. بندرگاهه جي ويجھو هجڻ کان علاوه هي مسافرخانو شهر جي ٻين مسافرخانن جي مقابلي ۾ گھٽ مسواڙ تي به هو. پوڙهيءَ نيرن تي جپاني کاڌو گوهان (ڀَتُ) ۽ ميسو شيرو (ڀاڄين ۽ ڳڙ جو سوپ، جيڪو هتي عام طرح نيرن تي ملي ٿو) ڏنو ٿي. گھر ڀرسان بس اسٽاپ به هو. پوڙهيءَ ٻڌايو ته سندس گھر اڳيان ندي (ڪاوا) به وهي ٿي. جپاني لفظ ”ڪاوا“ ندي ۽ درياهه لاءِ ئي استعمال ٿئي ٿو. جيئن نيل ندي، سنڌو درياهه، تيئن جپان ۾ سميدا گاوا وغيره آهن. (جپانيءَ ۾ ڪاوا اڳيان ڪو به لفظ لڳائڻ سان اهو گاوا ٿئي ٿو.) ”واهه جي Location آهي، پوڙهيءَ جي گھر جي!“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو ۽ خيالن جي دنيا ۾ پاڻ کي ڄامشوري جي پل وٽ ٺهيل ”المنظر“ هوٽل ۾ محسوس ڪرڻ لڳس. (هيءَ 1974ع ڌاري جي ڳالهه آهي، جڏهن المنظر هڪ بيحد خوبصورت ۽ رومانٽڪ Spot سمجھيو ويو ٿي.) ماڻهو هن هوٽل ۾ چانهه يا ماني کائڻ کان وڌيڪ هتان سدا شاداب ۽ جوش ۽ اٿلون کائيندڙ سنڌو جو نظارو ڪرڻ ايندا هئا. هي اهو درياهه آهي، جنهن سان دنيا جي پراڻي ترين تهذيب وابسته آهي. هيءَ اها ندي آهي، جيڪا صدين کان وهندي اچي، تڏهن ته اسان جي ڳوٺ جي هڪ شاعر پروفيسر عبدالفتاح ابڙي (عبد هالائيءَ) پنهنجي دل کي سنڌوءَ سان تشبيهه ڏني . چي: ”دل ناهه ڪا ڪئمپ فلسطيني، جا جلندي رهي ۽ ٻرندي رهي. دل ناهه ڪا شام بيروتي، جا دونهن ۾ ڪاري ٿيندي رهي. دل ناهه ڪا بيوهه جي چوڙي، جا پرزا پرزا ٿيندي رهي. دل آهي اسان جي سنڌو ندي، جا عبد صدين کان وهندي رهي.“ ”خبر ناهي موجي شهر مان هي ڪهڙو درياهه وهي ٿو، جنهن جي ڪپر تي هن پوڙهي جپانڻ جو گهر آهي جنهن کي هوءَ مسافرخاني طور هلائي ٿي!“ مون دل ۾ سوچيو هو. بهرحال هوندو ڪو درياهه. مون سڄي جپان جي جاگرافي ته نه پڙهي آهي، جو مون کي هن ملڪ جي هڪ هڪ درياهه، ندي، جبل ۽ ماٿريءَ جي خبر هجي. وڌ ۾ وڌ هتي جي بندرگاهن جي ڄاڻ رکڻ منهنجو فرض آهي. آئون ضروري سامان کڻائي پوڙهيءَ جي گھر پهتس، پهچڻ سان جهاز جي ڪم ۾ اهڙو جنبي ويس جو صبح جو پوڙهي مالڪڻ طرفان مليل نيرن (سوپ ۽ ڀتُ) کائي نڪرندو هوس ته چانهه به اچي جهاز تي پيئندو هوس. هڪ ئي وقت جهاز جي ڏهن حصن تي ڪم هلي رهيو هو. مٿي کنهڻ جي فرصت نه هوندي هئي. شام جو ستين بجي شپ يارڊ جي مزدورن جي موڪل ٿيڻ بعد آئون جهاز تان گھر موٽندو هوس ته اونداهه ٿي چُڪي هوندي هئي. جهاز جون مشينون کليل هجڻ ڪري جنريٽر وغيره سڀُ بند هئا ۽ بجلي ۽ پاڻي نه هجڻ ڪري، اسين سڀُ جهاز جا آفيسر توڙي خلاصي، جهاز جي ڪمپنيءَ طرفان، ٻاهر ڪناري تي هوٽلن ۽ جپاني اسٽائيل مسافرخانن ۾ رهياسين ٿي. ٻن ٽن ڏينهن بعد جيئن ئي جهاز جي ڪمن مان ٿوري واندڪائي ملي ۽ هوش ٺڪاڻي آيا ته مون کي درياهه جو خيال آيو. پوڙهيءَ چيو هو ته، ”واتا شينو اي اي نو (ايئينو) مائيوا ڪاوا گا اري ماس“ (منهنجي گھر جي اڳيان ندي وهي ٿي) ۽ هتي ڪا اهڙي ڪهاڻي نظر نه پئي آئي. نيٺ گھر جي مالڪڻ کان نديءَ جو پڇيم ته هن سامهون اشارو ڪيو. ڪراچيءَ جي برنس روڊ تي وهندڙ گندي پاڻي جي نالي جيڏو ويڪرو هڪ نالو وهي رهيو هو. هي به گندي پاڻيءَ جو نالو هو، پر اها ٻي ڳالهه آهي ته ملائيشيا، سنگاپور، هانگ ڪانگ وانگر هتي جي نالين ۽ گٽرن مان فقط مينهن جو ۽ وهنجڻ جو پاڻي لنگھي ٿو. (ڪاڪوس وغيره جو سسٽم بلڪل الڳ ٿلڳ ۽ زمين دوز آهي) ان ڪري ان نالي جي وهندڙ پاڻيءَ ۾ نه گند ڪچرو هو ۽ نه ڪک پن ۽ نه وري پلاسٽڪ جون ٿيلهيون. پاسن کان وڻن ۽ گلن جون قطارون هيون. ”تو، لڳي ٿو ته درياهه نه ڏٺو آهي.“ مون پوڙهيءَ کي چيو ۽ پوءِ ڪجهه ٽيڙي ۽ فخر مان مون کيس پنهنجي ملڪ جي سنڌوءَ جو احوال ٻڌايو ته: ”ڪيڏي ويڪري، ڪيڏي اونهي ۽ ڪيڏي تکي وهڪري واري ندي آهي. اسان جو سنڌو ڪاوا (درياه) هماليه جبلن تان گجگوڙ ڪندو پنجاب ۽ سنڌ کي سيراب ڪندو عربي سمنڊ جي پيٽ ۾ هلي وڃي ٿو. سمنڊ وانگر سنڌوءَ ۾ لهرون ۽ ڪُنَ ٿين ٿا. ٻيڙيون ۽ بتيلا هلن ٿا.....“ آئون ٽانءِ ۾ ڀريل سامبر وانگر ويس پنهنجي سنڌوءَ جي تعريف ڪندو ۽ پوڙهيءَ جو ويو وات ڦاٽندو، ويو ڦاٽندو! ظاهر آهي ڪٿي هي گٽر جهڙو ”نالو“ جنهن ۾ ٻه مينهون به نه بيهي سگھن ۽ ڪٿي اسان جو سنڌو درياهه جو ويڪرو پيٽُ ۽ تکو وهڪرو جيڪو وڏن ٻيڙن کي به لوڙهي ڇڏي. ان سال ڳوٺان جهاز لاءِ ڪراچي ايندي ڄامشوري جي پُل وٽ ڪار مان لهي ڪا دير درياهه جي موجن کي ڏسندو رهيو هوس. شاهه لطيف هن درياهه جي ضرور هيءَ ارڏائي ڏسي چيو هوندو: ”دهشت دم درياهه ۾ جت لُڙ، لهرون، لسَ، ليٽ آڻي اوڀارن ۾ پانڌي ٻوڙي ٻيٽ، جِت چڪنئي چيٽَ، اُت ساهڙ سير لنگھاءِ تون.“ پر پوڙهيءَ کي اهڙا شعر ترجمو ڪري نه ٿي ٻڌائي سگھيس، باقي اسان جي سنڌو درياهه جي Colossal هجڻ جو Impression ڏيڻ لاءِ مون کي جپانيءَ ۾ جيڪي صفتون ياد آيون ٿي اهي ٻُڌائي ورتم. اڄُ چوٿو صديءَ بعد هن ساڳي شهر ۽ ساڳي گھٽيءَ مان لنگھڻ تي هن مسافر خاني جي اڳيان بيهي رهيس. گھر جي مٿان ٻه وڌيڪ ماڙيون ٺهيل هيون، جن جي ٻاهران مسافرخاني جو ئي بورڊ لڳل هو. ياد آيم ته موجي ڇڏڻ کان اڳ پوڙهيءَ پنهنجي پُٽ جي هتي جي حساب سان ڌوم ڌام سان شادي ڪئي هئي، جيڪا اٽينڊ ڪرڻ لاءِ آئون درياهه جي ٻي ڀر واري بندرگاهه شمونوسيڪي کان هتي آيو هوس. ڪجهه سالن بعد ٻڌو هوم ته پوڙهيءَ جو اهو اڪيلو پُٽ جنهن سندس ڪاروبار ۾ به مدد ڪئي ٿي، هڪ هوائي حادثي ۾ مري ويو. پوڙهيءَ جي وري خبر نه پئي جو منهنجي دوستن جي جهازن به هنن بندرگاهن ۾ اچڻ ڇڏي ڏنو. آئون ڪجهه دير سوچي، در جو بيل وڄائي اندر رسيپشن ۾ گھڙيس. سندسن ٻنهي پوٽين، منهنجو مهمان جي حيثيت سان آڌرڀاءُ ڪيو، پر پوءِ مون جڏهن پنهنجو تعارف ڪرايو ته هو مون کي سڃاڻڻ لڳيون. سندن سڃاڻڻ تي مون کي تعجب لڳو. ”ڪمال آهي! توهان ته ڄايون به بعد ۾ آهيو. آئون 25 ــ 24 سالن بعد اڄ هتي آيو آهيان.“ ”ڏاڏي ٻُڌائيندي هئي ته هتي هڪ مئرين انجنيئر رهڻ ايندو هو، جيڪو باشو (جپاني شاعر) ۽ مشيما (جپاني ناول نويس) جو عاشق هو.“ هنن مان هڪ ٻُڌايو ۽ ٻي ڄڻي منهنجو جپان بابت سنڌيءَ ۾ لکيل سفرنامو، ”جپان جن جي جيءَ سان“ کڻي آئي، جيڪو مون تڏهن سندن ڏاڏيءَ کي يورپ جي ڪنهن بندرگاه مان پوسٽ ڪيو هو. هنن ٻُڌايو ته هوءِ يعني سندن ڏاڏي، چار سال کن اڳ اسي سالن جي ڄمار ۾ گذاري وئي. ”توهان جي اوباسان (ڏاڏي) عظيم عورت هئي.“ مون سندن ڏاڏيءَ کي ياد ڪندي تعريف ڪئي ۽ ڪا دير خيالن ۾ گم ٿي ويس. هن پوڙهيءَ جي قرب ۽ خيال رکڻ جي ڪري آئون موجي يا هن پاسي اچڻ تي هميشه هن جي ئي مسافرخاني ۾ رهندو هوس. مونکي ماٺ ۾ ڏسي پوڙهيءَ جي پوٽين مان هڪ ٻُڌايو؛ ”اسان جو ڏاڏو هيروشيما ۾ ڪريل بم جو شڪار ٿي ويو هو.“ ”وڪاري ماس ــ (مون کي ڄاڻ آهي)“ مون ڏکويل آواز ۾ وراڻيو، ”ان جي اثر ڪري توهان جي ڏاڏي ڪيترين ئي جسماني ۽ نفسياتي بيمارين ۾ مبتلا هئي.“ ”پر چون ٿا ته هن وڏي همت کان ڪم ورتو.“ ”صحيح ٿيون چئو. ان ۾ ڪوشڪ ناهي. بيمار هوندي به هوءَ گھر کي هلائڻ لاءِ سخت پورهيو ڪندي رهي ٿي.“ مون کين ٻُڌايو. ”هوءَ قربائتي به ڏاڍي هئي. سندس مري وڃڻ تي اوڙي پاڙي وارن به ڏاڍو ڏک ڪيو....“ ”ضرور ڪيو هوندو.“ مون وراڻيو، ”کيس هر انسان لاءِ همدردي هوندي هئي. هن هرهڪ جو ڀلو چاهيو ٿي. ٻئي کي ڏکويل ڏسي پاڻ پريشان ٿي ويندي هئي. آئون پهريون دفعو جڏهن هن وٽ آيو هوس ته منهنجي ننڍڙي سال کن جي ڌيءَ کي تيز طوفاني هوائن ڪري يا شايد وڪاياما کان موجي هوائي جهاز جي سفر ڪري ڪن ۾ سُور اچي ٿيو. منهنجي زال نه هن شهر جي واقف هئي ۽ نه اڃان جپاني آيس ٿي. پوءِ توهان جي ڏاڏيَ پنهنجا ڪم ڪار ڇڏي، منهنجي ڌيءَ جي علاج لاءِ مختلف ڊاڪٽرن ۽ اسپتالن ۾ ڊوڙندي رهي. مون کي چوندي هئي ته، تون نه گھر جو خيال ڪر نه پئسي ڏوڪڙ جو. جنهن ڊيوٽيءَ لاءِ آيو آهين، يعني جهاز جي Repair لاءِ، ان ڏي توجهه ڏي، جيئن اهو جهاز تو لئه اڳتي هلي سمنڊ تي مسئلو نه بڻجي.“ ”ڪيڏو نه عجيب ٿو لڳي، هڪ ڌارئين کان پنهنجن وڏن جي ڳالهه ٻُڌي. سندس پورهئي جي ڪمائي اڄُ اسين کائي رهيون آهيون. هوءَ پاڻ غربت ۾ گذاري وئي، پر اسان لاءِ مسافرخاني جي صورت ۾ روزگار ٺاهي وئي.....“ ڇوڪرين چيو. ”Hi So Desu (صحيح ٿيون چئو).“ مون سندس ڳالهه جي حمايت ڪئي ۽ ڪافيءَ جو آخري ڍُڪ پي اٿي کڙو ٿيس ۽ ساڻن هڪ يادگار تصوير ڪڍائي Sayonara (الوداع) چيم. ٻاهر نڪري ٿورو اڳتي هلي، سندن گھر اڳيان وهندڙ نالي جي ڪَپر وٽ بيهي رهيس. ڪا دير پنڊ پهڻ ٿي اتي بيٺو رهيس. بارش ۽ گھرن مان ايندڙ پاڻي ان ”نالي“ مان شپڪا ڏئي وهي رهيو هو. مون کي پوڙهيءَ سان اڍائي ڏهاڪا سال اڳ جو بحث ياد اچي ويو..... ”هن کي چئبو آهي درياهه! درياهه ته اسان جو سنڌو آهي....“ مون چيو هئومانس. يعني تڏهن چيو هيومانس. چڱو جو اڄُ هوءَ جيئري ناهي نه ته هن کي اڄُ ان سنڌوءَ بابت شايد ڪجهه به ٻُڌائي نه سگھان ها. هفتو کن اڳ هيڏانهن جپان ۾ اچڻ لاءِ ڳوٺان (هالا کان) ڪراچي ايندي وقت هن ڀيري ڄامشوري وٽان لنگھندي، منهنجي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا هئا. اسان جي سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ جي ڇولين بدران ڌُوڙ اڏامي رهي هئي. ٻيڙيون وچ درياهه ۾ خشڪيءَ تي پاسيريون ٿيون پيون هيون، ۽ ٻارن وچ سير تي ڪرڪيٽ راند پئي ڪئي. سنڌوءَ ۾ ايترو پاڻي به نه هو، جيترو هن موجي شهر جي نالي مان وهي رهيو آهي! بيٺي بيٺي مونکي وقت جو احساس نه ٿيو. منهنجي اکين اڳيان منهنجي سڪل سنڌو ڦرڻ لڳي. اکين مان لڙڪ ڳڙڻ تي هوش ٺڪاڻي اچن ٿا. آئون ڏکويل دل سان اڳتي وڌان ٿو. هڪ هڪ وک ڇپ جهڙي ڳري محسوس ڪريان ٿو ۽ مون کي پنهنجي هڪ ٻئي ڳوٺاڻي شاعر ’حميد شهيد‘ جو هي شعر ڌيان ۾ اچي ٿو. ”ڄامشوري جي پُل مٿان بيهي سوچيم، سنڌو ناهي، هي هاڪرو آهي.“
لاجواب سائين نثار ابڙا صاحب توهان جي واپسي سنڌ سلامت تي شاندار آهي بهترين سائين توهان جي اهڙي تحرير جو انتظار رهندو سدائين گڏ
سائين نثار واپسي تي ڀليڪار bhali kareayabhali kareaya پر سائين هن شاعر جو عجيب خيال آهي بجاء انهي جي ته ڪنهن مظلوم قوم جي حمايت ڪجي انهن تي طنزيه شاعري ٺاهي وڃي وري اهڙي مشهور ليکڪ پنهنجي مضمون ۾ استعمال ڪرڻ وري توهان جهڙي علمي شخصيت جو هتي فخر سان تحرير پيش ڪرڻ ۔۔۔۔۔ sindhsalamatsaathsal فقير سائين هي ته الطاف شيخ جي تحرير آهي سائين نثار ته فقط اسان سان شئر ڪئي آهي suhnan saansuhnan saan sindhsalamatsaathsalsindhsalamatsaathsal
دوست، عظيم صاحب، اوهانجي قربائتي ڀليڪار جي مهرباني ۔۔۔ ڀائڙا اوهان جي هڪ عادت سٺي به آهي ۽ هاڃيڪار به ۔۔۔ سٺي ڳاله اها ته اوهان تنقيد ڪرڻ ۽ انجي اظهار جو جذبو رکو ٿا، اهو جذبو انتهائي ڪارائتو هوندو آهي انسان کي هن دنيا جي ور وڪڙن وارن رستن تي هلڻ ۾ مدد ڪندو آهي ۔۔۔ ساڳيو جذبو انتهائي هاڃيڪار تڏهن ٿيندو آهي جو ماڻهون ڪنهن سٺي شئي مان به خاميون ڳولهيندو رهي ۽ ان گدڙ جيئان جيڪو جڏهن انگورن تائين نه پهتو ته چيائين ”آک ٿو کٽا“ واري روش اختيار ڪرڻي پوي ۔۔۔ اوهان شاعر جي جذبن جو جيڪو حال ڪيو سو انڪري جو اوهان انکي صحيح طرح سمجهڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي ۽ صرف اکرن ۾ ئي اٽڪي پيا ۔۔۔ مون ڪجه وقت اڳ۾ به اوهانکي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي شايد اوهانکي ياد هجي ته شاعر يا اديب سماج جو آئينو هوندو آهي ۽ آئيني ۾ اهو ئي نظر ايندو آهي جو سامهون ٿي رهيو هوندو آهي ۔۔۔ هن شعر ۾ شاعر تمثيلي طور تي فلسطين ۽ بيروت جي زمين جو ذڪر ڪري پنهنجي دل جي حالت کي سنڌوندي سان ملائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۔۔۔ جا هميشه کان قائم آهي ۔۔۔ جڏهن ته فلسطين ۽ بيروت ۾ ظلم جا اوڙاه اٿندا رهندا آهن ۽ سڪون جهڙي نعمت دائمي نه رهي آهي ۔۔۔ اها ٻِي ڳالهه آهي ته هاڻ پاڪستاني حالتون به ڪي انهن شهرن کان مختلف ناهن ۔۔۔ ٻي ڳالهه ته مون پهريون به چيو هو ته پاڻ ڪي وڏا تيسمارخان اديب ناهيون پر بس ادب جي رستي تي هلڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهيون ۔۔۔ انڪري ڪٿي ڪي ڪوتاهيون ضرور ٿينديون ۔۔۔ اوهان ضرور ڪي جائز ڪوتاهيون هجن ته آگاهي ڏجو پر هروڀرو ڪنهن سٺي شئي کي خراب چوندا ته دوست منهنجي بدران اوهان تي ئي اشاراڪندا ۔۔۔ وري به اوهانجا لک ٿورا جو پنهنجن خيالن کان آگاه ڪندا رهو ٿا ۔۔۔ اوهانجي سٺي شخصيت ڏسي ئي خلوص نيت سان ڪجهه لکيو اٿم ۔۔۔ اميد ته دل ۾ نه رکندا ۔۔۔ دعائن ۾گڏ shal judy hujeen
سائين واقعي توهان خلوص نيت سان لکيو آهي توهان شاعر واري تمثيلي طور مان غريب کي ڇالکيو سائين توهان وڏا آهيواسان جي اصلاح توهان ئي ته ڪندو ڇا ڪيون اگر دل ۾ ڪيو ته به ڇا ٿيندو۔۔۔۔۔۔۔۔ وڌ ۾ وڌ چند ڏينهن سنڌسلامت تي اچڻ تي دل نه چوندي ٻيو اسان غريب ڇا ٿا ڪري سگهو ۔۔suhnan saansuhnan saan
سائين۔۔۔ ڪهڙا سور جاڳائي ڇڏيا اَٿَو۔۔۔ الله سان۔۔۔۔ هِن پُل تان جڏهن به مان لنگهندو آهيان۔۔ هن سنڌو جي خالي پيٽ کي ڏسي، مُنهنجو جِيءُ جُهرندو آهي، ايئن لڳندو آهي جيئن منهنجي سنڌو اَمڙ سَڪرات ۾ آهي، هوريان هوريان ساهه رَب حوالي ڪندي پئي وڃي۔۔ نه پُڇو ته اُهو وقت ڪهڙو هو جڏهن هن سنڌو درياءُ جي پُل تان لنگهندا هُئاسين ته پُل جي دروازن وٽان لنگهندڙ وهڪرن جي آواز ۾ هِڪ ٻئي جو آواز به نه ٻڌندا هُئاسين۔۔ هاڻ هُوند خالي سنڌو کي ڏسي، اکيون آليون ٿي وڃن ٿيون۔۔۔ sindhsalamatsaathsal