اڄوڪو ڏينهن 26 نومبر تاريخ جي دري مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 26 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

26 نومبر 1862ع آثار قديمہ جي مشهور ماهر سَر مارڪ ارل اسٽين جو جنم ڏينھن آھي.
26 نومبر 1890ع ننڍي کنڊ جي مشهور ۽ معروف لسانياتي ماهر سنيتي ڪمار چيٽرجيءَ جو جنم ڏينھن آھي.
26 نومبر 1915ع تعليمدان، ليکڪا ۽ روحاني شخصيت ڀڳتياڻي هري ديوي (حيدر آباد / پونا) جو جنم ڏينھن آھي.
26 نومبر 1919ع مشھور اداڪار، هدايتڪار، گائڪ ۽ شاعر ڌرم ڪمار تولاڻي ٽنڊي آدم سنڌ ۾ جنم ورتو.
26 نومبر 1919ع سنگيتڪار، فلم ھدايتڪار ۽ اداڪار ديپڪ آشا جو جنم ڏينهن آهي.
26 نومبر 1919ع هندستان جي هن ناليواري مؤرخ، آثار قديمہ جي ماهر ۽ محقق رام شرن شرما جو جنم ڏينهن آهي.
26 نومبر 1935ع ناليواري ليکڪ، عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جو جنم ڏينهن آهي.
26 نومبر 1939ع مشهور شاعر سيد مرتضى شاھ ڏاڏاهي جو جنم ڏينهن آهي.
26 نومبر 1940ع ليکڪ ڀڳونتي لڇمڻ ڪڪڙيجا (ڪراچي / الهاس نگر) جوجنم ڏينهن آهي.
26 نومبر 1947ع ليکڪ، اديب ۽ سنڌ دوست ڪاموري عبد القادر منگي جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

26 نومبر 1973ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ شاعر عبدالله عابد جي وفات ٿي.
26 نومبر 1988ع مشهور صحافي، پبلشر ۽ روزاني ’خادم وطن‘ ۽ روزاني ’هلال پاڪستان‘ جي ايڊيٽر سردار لطف علي دل جي وفات ٿي.
26 نومبر 2000ع ناليواري شاعر، نعت خوان ۽ مولودي غلام نبي مهيسر جي وفات ٿي۔
26 نومبر 2018ع ناميارو تعليمدان ڊاڪٽر بشير احمد چانڊيو وفات ڪري ويو۔
26 نومبر 2019ع ليکڪ، اديب ۽ دانشور خليل مورياڻي لاڏاڻو ڪري ويو.

واقعا:

26 نومبر 1894ع باڪسنگ جو پھريون مڊل ويٽ ميچ ٿيو.
26 نومبر 1964ع لاهور ٽيلي ويزن پنھنجي تجرباتي نشريات جو آغاز ڪيو.
26 نومبر 1974ع پشاور ٽيلي ويزن اسٽيشن جو افتتاح ٿيو.

حوالا:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانہ ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
Back
Top