پراڻن موضوعن کي مشاهدي ۾ آڻيو.

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ جميل احمد طرفان آندل موضوعَ ‏26 نومبر 2012۔

  1. جميل احمد

    جميل احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 آڪٽوبر 2012
    تحريرون:
    211
    ورتل پسنديدگيون:
    527
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    جيئن ڪو نئون موضوع موڪلبو آهي يا پراڻي موضوع تي ڪير راا ڏيندو آهي ته اهو مرڪزي صفحي تي اچي ويندو آهي ۽ هر ڪنهن جو ڌيان ان ڏانهن ويندو آهي ۽ پڙهڻ وارا ان کي پڙهي يا ڏسي وٺندا آهن۔جيئن ته سنڌ سلامت جي ميمبرن ۾ رور بروز تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي ته نون ميمبرن جي مشاهدي ۾ پراڻا موضوع به آڻجن ته بهتر ٿيندو،ان سلسلي ۾ گذريل سالن جي ،هلندڙ سال جي ساڳئي تاريخ تي موڪليل موضوعن کي نروار ڪرڻ لا هڪ جا مرڪزي صفحي تي مخصوص ڪري سگهجي ٿي۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    اها ته ڀلي ڳالھ آهي سائين
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سنڌ سلامت تي مختلف موضوعن ۾ آيل ليک ائين آهن جيئن ڪنهن وڏي لائبريريءَ جي ڪٻٽن ۾ پيل ڪتاب ۔۔۔ جيئن ڪنهن لائبريريءَ ۾ وڃي ڪتاب ڳولهبا آهن ۽ پنهنجي مقصد يا پسند آهر انهن موضوعن وارن ڪٻٽن ۾ وڃبو آهي تيئن ئي سنڌ سلامت جي مختلف ڪٻٽن ۾ وڃي پنهنجي پسند جا ليک پڙهي سگهجن ٿا ۽ ڳولهي به سگهجن ٿا ۔۔۔۔

    جيئن لطيف سڳوري فرمايو آهي ته؛ پاڻ ئي ايندم هوت پر آءُ به ڪجهه اڳڀري ٿيان ،،،،، بلڪل ائين ئي اسانکي اڳتي وڌي انهن ڪٻٽن کي کولڻو پوندو ۔۔۔

    مثال مونکي ڪهاڻيون پڙهڻيون آهن ته مونکي ادب جي ڪٻٽ ۾ وڃي ڪهاڻين وارو خانو کولي اتان پنهنجي پسند جون ڪهاڻيون پڙهڻيون پونديون ۔۔۔۔ باقي جيڪڏه ائين ٿي وڃي ته ٻير اچي وات ۾ پوي ته واهه واهه ۔۔۔۔ ان تي اسانجا ڄاڻون دوست ڪا صلاح مصلحت ڪري سگهن ٿا ۔۔۔

    دوست جميل احمد جي ڳالهه آهي ڪارائتي ۔۔۔۔۔ اسانجا ڪافي ليک هاڻ پوئتي رهجي ويا آهن، اهي وري تازا ٿي ويندا ۔۔۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    صلاح ته ادا جميل احمد جي به ڀلي آهي۔۔۔ ۽ ڳالهه سائين نثارابڙو جي پڻ درست آهي۔۔۔
    ان سلسلي ۾ هوئين ته سنڌ سلامت تي ڪجهه ڳالهيون بلٽ ان موجود آهن۔۔ جنهن جو هن تحرير ۾ پڻ مون ذڪر ڪيو آهي۔۔۔ پر دوستن جڏهن اهڙي صلاح ڏني آهي ته ان ڳالهه کي اڃان بهتر ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي ته جيئن سنڌ سلامت تي ايندڙ رڪنن کي اهم موضوع ڳولڻ ۾ وڌيڪ پريشانيون محسوس نه ٿين۔۔۔
    ان سلسلي ۾ ڪجهه ڏينهن ۾ انشاء الله ڪجهه تبديليون عمل ۾ آنديون وينديون۔۔۔ بس ٿورو ويڪ اينڊ ويجهو ٿئي ۽ ڪم هلڪو ٿي پوي۔۔۔ :)
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    سنڌسلامت انتظاميه وٽ موضوع کي پروموٽ ڪرڻ يا سؤلي سنڌي ۾ بنا ڪنهن عمل (پسند، اقتباس وٺڻ يا راءِ اچڻ) جي به مٿي آڻي سگهجي ٿو۔ ۽ انظامي رُڪن مختلف ضرورتن جي پيشِ نظر اهو ڪندا به رهن ٿا۔ پر جيئن ته سائين نثارابڙو چواڻي ته مواد گهڻو آهي سو لائبريري جيان سنڌ سلامت کي ڏسڻ جي ضرورت آهي۔

    هڪ ٻي وڏي وجهه به آهي ته انتظاميه جيڪڏنهن پنهنجي پسند ۽ راءِ سان اهو ڪرڻ شروع ڪيو ته پوءِ ميمبرس کي جانبداري هجڻ جا خدشا ٿيڻ لڳندا۔ تنهنڪري بهتر اهو آهي ته اوهان کي ڪو موضوع پسند آهي ۽ انهي کي پروموٽ ڪرڻ چاهيو ٿا ته ان تي پنهنجي مختصر راءِ ڏيو ته اهو از خود مٿي اچي ويندو۔ ۽ پاڻهي مشاهدي ۾ رهندو۔ ڪيئن ذيشان رشيد ؟
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين عبدالحفيظ صاحب جي ڳالهه تمام بهترين آهي، پر هڪ ڳالهه سامهون آئي آهي ته ڪافي سارا اهڙا به دوست آهن جيڪي ڪو به موضوع پاڻمرادو ڳولهي نه سگهندا آهن، پو مختلف دوستن کان ان بابت ڄاڻ وٺي اهي موضوع ڳولهي لهندا آهن ، يا ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کي به ڪي اهڙا موضوع ياد پوندا آهن ته پڙهجن ته ان جو اهو ڪٻٽ ذهن مان نڪري ويندو آهي ته ڪهڙي ڪٻٽ ۾ اهو موضوع شامل ٿيل آهي جڏهن پنهنجن تحريرن ۾ ويندا آهيون ته سموريون تحريرون سامهون اچي وينديون آهن ان ڪري به وقت جي گهٽتائي سبب ڳولهي نه سگهندا آهيون۔ مان هڪ مشورو ڏيندس ته جيڪڏهن مرڪزي صفحي تي جيڪي به ميمبر آهن انهن جي نالن جي لسٽ هيٺ کان مٿي هلندي رهي جئين جنهن به دوست کي ان ميمبر تي ڪلڪ ڪري ان ميمبر جا صرف مرڪزي موضوع ظاهر ٿي پون جيڪي هن پاڻ جوڙيا هجن، نه ڪي اهي تحريرون جيڪي ڪنهن موضوع ۾ لکيون اٿس، مطلب اهو ٿيندو جو هر ميمبر پاران موڪيل موضوع سامهون اچي ويندو پو ڀل ان ۾ ڪيترن دوستن جون تحريرون شامل هجن ان جو فرق نٿو پوي، بس رڳو مين موضوع شروع واري پيج کان ظاهر ٿئي ته نئون ايندڙ ان کي اڳتي اڳتي ڪندو پڙهندو ويندو ته ان کي موضوع به سمجهه ۾ ايندو۔ ۽ هر ميمبر پاران هر اهو موضوع به ظاهر ٿي پوندو جنهن جي گهرج آهي۔ ته خبر به پئجي ويندي ته هِن هِن ميمبر هِي هِي موضوع تخليق ڪيا آهن۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو