سانوڻ خاصخيلي
سينيئر رڪن
اِي سنڌ منھنجي جِند آ
اِي سنڌ منھنجي جِند آ
تنھن سنڌ مٿان
۽
جند مٿان
مان گھور وڃان، مان گھور وڃان
مارو مٺڙا مان لھن
شال سدا ھو شان لھن
تنھن راڻِي ۽ رِند مٿان
مان گھور وڃان، مان گھور وڃان
ھِن ڌرتي تي ھُٻڪار ھُجي
پيار ڏجي ۽ پيار ھُجي
سُھڻي ساھ سُڳنڌ مٿان
مان گھور وڃان، مان گھور وڃان
ھو مٺڙي ٻولي ٻولين ٿا
ڳالھ وڏي ڪا ڳولين ٿا
اجرڪ ٽوپي ٽِنڊ مٿان
مان گھور وڃان، مان گھور وڃان
سانوڻ سوچين لوچين ٿو
پل پل پيارا پوڄين ٿو
سنڌ مٿان ھر ھنڌ مٿان
مان گھور وڃان، مان گھور وڃان
(منھنجي عبادت)