• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي بلاگنگ لاءِ بلاگر جي ترتيب ساڄي کان کاٻي ڪرڻ

سجاد علي چنا

سينيئر رڪن
انتظامي رڪن
ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ
اڪثر دوستن جو سوال رهيو آهي ته بلاگر جي ترتيب ساڄي کان کاٻي (Right-to-Left) طرف ڪيئن رکجي، جو بنيادي طور تي بلاگر جي ترتيب انگريزي ۾ آهي، يعني کاٻي کان کان ساڄي (Left to right) آهي۔

بلاگر جي پوسٽ ايڊيٽر ۾ فارميٽنگ بار ۾ ساڄي کان کاٻي (Right-to-Left) لکڻ جي سهولت ڏنل آهي، جيئن گزريل موضوع ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم آهي (لنڪ ۔۔ بلاگر تي بلاگ ٺاهڻ ۔۔ حصو ٻيون)
formatbaar.png


۔۔۔​
جيڪڏهن اوهان وٽ پوسٽ ايڊيٽر ۾ ساڄي کان کاٻي (Right-to-Left) جي سهولت نه اهي ته گهٻرائڻ جي ضرورت نه آهي، هيٺ ڏنل قدمن تي عمل ڪريو:​
لاگ ان ٿيڻ کان پوءِ ڊيش بورڊ تي پنهنجي بلاگ کي ڪلڪ ڪريو،
dashboard.png

۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

setting.png


... کاٻي پاسي Setting واري لنڪ تي ڪلڪ ڪريو،
... language and formating وري لنڪ تي ڪلڪ ڪريو،
۔۔۔ Enable Translitrationواري حصي تي جيڪڏهن ٽرانسلِٽريشن Disable ٿيل آهي ته ان کي Enable ڪري ڇڏيو، ڀرسان واري باڪس مان اردو، عربي، يا فارسي، مطلب ساڄي کان کاٻي پاسي لکي ويندڙ کان به ٻولي چونڊيو۔۔

آخر ۾ مٿي نارنگي رنگ جي بٽڻ Save Settings کي ڪلڪ ضرور ڪجو۔ اوهان جي بلاگ جي پوسٽ ايڊيٽر تي ساڄي کان کاٻي پاسي تحرير واري سهولت دستياب هوندي۔

هاڻي اچون ٿا اصل مسئلي تي ته سنڌي بلاگنگ لاءِ پوري بلاگ جي مطلب هيڊر Header کان Footer تائين جي ترتيب ساڄي کان کاٻي ڪيئن ڪجي۔ ۔۔۔ تصويرن ذريعي سمجهايان ٿو۔۔۔
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

1۔ لاگ ان ٿيڻ کان پوءِ ڊيش بورڊ تي پنهنجي بلاگ کي ڪلڪ ڪريو،​
dashboard.png

2۔ هيٺين تصوير مطابق Template تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
2۔ ڪسٽمائز تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
custom.png

3۔ هاڻي اوهان جنهن پيج تي موجود آهيو، انهي کي ٽيمپليٽ ڊزائنر چئجي ٿو۔ هتي اوهان بلاگ جا مختلف حصن جي ڏيکاءَ ۾ تبديلي ڪري سگهو ٿا۔
اوهان هيٺين تصوير ۾ سائي رنگ جي تير جي نشانن کي نوٽ ڪيو ته بلاگ جو ٽائٽل، بلاگ جو تفصيل (Description) ۽ پوسٽ جو عنوان پڻ کاٻي طرف آهن، جيڪي سنڌي بلاگنگ ۾ ساڄي طرف هجڻ گهرجن۔۔
هيٺ اچو۔
Tem_designer1.png


هاني هيٺين تصوير موجب پهريان Advanced تي ڪلڪ ڪريو،
Add CSS تي ڪلڪ ڪرڻ کان پوء سامهون ايندڙ باڪس ۾ هيٺيون ڪوڊ لکو
PHP:
html, body{direction:rtl}
هاڻ Apply to blog واري بٽڻ کي ڪلڪ ڪريو۔
هاني سائي تير واري نشانن واري تحرير کي ڏسو، مٿين تصوير ۽ هيٺيڻ تصوير ۾ واضع فرق آهي۔
هاڻي اوهان جي بلاگ جي ترتيب ساڄي کان کاٻي طرف واري ٿي چڪي آهي۔
Tem_designer2.png
 
لک مهربانيون، اوهان سولي ۽ سهڻي نموني سمجهائي رهيا آهيو۔ دوستن جا رايا ۽ جواب ڪونه پيا ان، ان مان ڇا سمجهجي؟ پر مونکي شوق آهي۔ اڄوڪي مشق پوري ڪري تجربو ڪري چڪو آهيان ۽ بلاگ کي ساڄي کان کاٻي ڪيو اٿم۔

بلاگ نمبر : 1

سليمان وساڻ جو بلاگ


j4qJs0S7eecag.png



بلاگ نمبر :2

تاريخ جي ورقن مان


jZ9bzIQ65bY65.png



ڪٿي ڪي اوڻايون هجن ته اسان جهڙن اڻڄاڻن جي رهبري ڪندا رهجو۔
اوهان جي ڪلاس ۾ پوئين سيٽ تي ويٺل اوهان جو نيازمند سليمان وساڻ۔
 
سليمان وساڻ، سائين اصل ۾ ڪلاس جو مانيٽر ذيشان رشيد ئي ڪلاس مان غائب آهي۔
باقي اوهان جو ڪم زبردست آهي۔ لڳي ٿو ته اسڪول جي دور ۾ به فرمانبردار شاگرد رهيا آهيو۔
بلاگ جو اصل ته بلاگ جون پوسٽون هونديون آهن۔ انشاء الله اوهان سنڌي جا سٺا ۽ بي مثال بلاگر ثابت ٿيندئو اڳتي هلي۔
 
سائين تمام زبردست سمجهاڻي آهي الله تعالى توهان کي سلامت رکي اميد ته سڀني دوستن کي توهان جي طرفان بلاگ ٺاهڻ واري سکيا سان پنهنجي بلاگ ٺاهڻ ۾ تمام گهڻي مدد ملندي باقي دوستن کي سنڌي فانٽ اپلاء ڪرڻ جو طريقو به ٻڌائيندا ته جيئن بلاگ کي پنهنجن خوبصورت فانٽن سان زينت ڏئي سگهجي۔
 
سائين سجاد تمام بهترين ڪم ڪيو پيا۔ مون سي ايس ايس ڪوڊ کي ڪجهه هيئن لکيو آهي۔
PHP:
* {
      direction: rtl;
      text-align: justify;
      font-family: MB Lateefi, MB Sindhi Web, Verdana;
  }
 
Back
Top