سنڌ سڀيتا جي بچاءَ لاءِ، سنڌ ڌرتيءَ جو مان مٿانهون ڪرڻ لاءِ، هر دور ۾ سنڌ ڄائو ٻه وکون اڳڀرو هوندو آهي. سندس نيڻن جي نهار ۾ هڪ اٿاهه گهرائي سمايل هوندي آهي، سندس سوچ جي اڏام تمام مٿانهين هوندي آهي، جنهن منجهان اهو صاف نظر ايندو آهي ته سنڌوء َ جي پاڻيءَ ۾ ڪيڏي نه ارڏائي آهي، جيڪا هر هنڌ، هر مهل ڪانئرن کي للڪاريندي آهي پوءِ موٽ ۾ جيڪڏهن اڻ مندائتو موت به ايندو آهي ته هي سنڌ ڄاوا مرڪي کيس ملندا آهن ۽ ڏٺو اهو ويو آهي ته اهڙا ڪلور صرف سنڌ جي سٻاجهڙن سان ئي ٿين ٿا!! شايد ان جو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته هن ڌرتيءَ تي جنم وٺندڙ انسان سدائين سچ جا سورج اڀاريندا آهن
سڀني سنڌي سڄڻن کي جس هجي جيڪي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليء جي بقا لاء پنهنجو وقت ۽ پئسو لڳائي جيئن ٿا۔ سڀني سنڌين کي گهرجي ته ڌرتي ماء جو ٿڃ نڀائيندي پنهنجو پاڻ سنڌيت لاء وقف ڪن۔