Abdul Wahid Soomro
سينيئر رڪن
بُڇڙو ڪتو، ڌڻي پڻائي:
ڪنهن گهر وٽان، ڪي ٻه ڄڻا لنگهيا ته ڪتي مٿن رومڙ (اُلر) ڪئي. هڪ دوست، بجو (ڀونڊو) ڏيئي، چيس ته ”لک لعنت هجي، تنهنجي ڌارينديءَ (ڌاريندڙ _ مالڪ) کي“. پر ڪتي بهڻ کان بس نه ڪئي پوءِ، ٻهٿڙي لٺ پيو کوڙيس، تڏهن ٻئي دوست چيس ته، ”هي ڪتو، فلاڻي دوست جو آهي، متان دل ۾ ڪري!“ تنهن تي لٺ ڍري ڪري، ڪتي کي چيائين ته، ”ڪتا، تو نه لڄ، پر تنهنجي ڌڻيءَ لڄ“. يعني اي ڪتا، تنهنجي لڄ نٿي ماري، پر تنهنجي ڌڻيءَ جي!
مطلب: جيڪو بڇڙي هلت هلي ٿو، سو پنهنجن ڌڻين کي پڻائي (گاريون ڏياري، گهٽ وڌ ڳالهرائي) يا بدنامي ڪري ٿو. (ويچار ڊيسڪ جي ٿورن سان)