سوشل ميڊيا ماضي حال ۽ مستقبل

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ شعيب محمد طرفان آندل موضوعَ ‏28 نومبر 2012۔

  1. شعيب محمد

    شعيب محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    170
    ورتل پسنديدگيون:
    338
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    ليڪچرار
    ماڳ:
    سکر
    انسان جي اندر ۾ ماضي کان وٺي ئي ٻين انسانن سان تعلق رکڻ هڪ فطري عمل آهي ۽ هر انسان پنهنجي نظريعي پنهنجي خيالات کي ٻين انسانن تائين پهچائڻ چاهيندو آهي .انهي فطري عمل جي ڪري ئي انساني ٻوليون وجون ۾ آيون ۽ لکڻ ۽ پڙهڻ جو علم بہ انهي فطري عمل جي ڪري وجود ۾ آيو .اڳتي هلي ڪري جڏهن انسان مهذب ٿيو تڏهن هن ان عمل کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي ڪنهن شخص يورپ جي مشهور فلاسافر پروفيسر جوڊ کان انسان جي مهذب هجڻ جي وصف پڇي تہ ان تمام سهڻن لفظن ۾ ان کي جواب ڏنو تہ سهڻن ۽ خوبصورت شين جي تعمير خيال جي آزادي نين شين جي ڳولا جو ذوق ۽ شوق پاڻ ۾ گڏجي زندگي گذارڻ جي اصولن تي عمل ڪن اهو انسان جو مهذب هجڻ آهي مطلب تہ نواڻ آڻن انسان جي فطرت ۾ سمايل هڪ جز آهي ايئن ئي انسانن هڪ ٻئي کي خط لکڻ شروع ڪيا ۽ پاڻ ۾ ڪيل رابطي کي مضبوط ڪيو پر اڳتي هلي معلومات کي عام ڪرڻ لاء انسانن کي ٻين ايجادن جي ضرورت پئي ۽ انسان پٿر جي ڪتبن تي لکڻ شروع ڪيو دنيا ۾ سڀ کان پراڻا ڪتب اسان کي دنيا جي پهرين تهذيب بابل ۾ ملن ٿا بابل جي تهذيب انسانن جي سڀ کان پهرين تهذيب آهي جيڪا اڄ کان 5000 سال پهريان فرات ندي تي قائم هئي ان تهذيب ۾ آسان کي سڄي شهر جي مک چوراهن تي پٿر تي سنگتراشي ٿيل ڪتبا مليا آهن جن تي ان زماني جي بادشاه جا حڪم ۽ قانون موجود آهن .ان مان صاف شاهدي ملي ٿي تہ دنيا ۾ ڪهڙي طرح سان انسانن پنهنجو پيغام ٻين تائين پهچائڻ ۾ ميڊيا جو سهارو ورتوهاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي تہ ميڊيا اسان ڇا کي چوندا آهيون ميڊيا جي وصف آهي .تہ ڪائي بہ معلومات يا ڊيٽا اسان ڪنهن مخصوص اوزارن جي ذريعي ٻين تائين پهچائون مطلب تہ ميڊيا جو لفظ خاص ڪونہ آهي پر هي لفظ عام آهي ۽ هر دور ۾ ميڊيا رهي آهي پر هن پنهنجا اوزاروقت ۽ حالتن آڌار بهتري آڻي تبديل ڪيا آهن .۽ سوشل ميڊيا جي وصف هي آهي تہ هي هڪ سماجي تعلقات جي ميڊيا آهي .اڄ ڪالہ دنيا ۾ 3 وڏن قسمن جون ميڊيائون موجود آهن
    1 پرنٽ ميڊيا 2 اليڪٽرانڪ ميڊيا 3 سوشل ميڊيا پر هن
    وقت سڄي دنيا ۾ سوشل ميڊيا جو زور شور لڳو پيو آهي ۽ هر طرف فيس بوڪ ۽ ٽيوٽر جي يلگار لڳي پئي آهي هن ۾ دوستي تبصرا تجزيا ڇا نہ آهي مطلب تہ انساني زندگي ۾ هڪ نئون ڪلچر ايجاد ٿي چڪو آهي .موجوده سوشل ميڊيا سالن جي ميڊيا تي ڪيل محنت جو نتيجو آهي پهريان ڪنهن دور ۾ اخبارن ۽ رسالن مطلب پرنٽ ميڊيا جو تمام وڏو عروج هوندو هيو پر پوء اليڪٽرانڪ ميڊيا بہ پنهنجي جاء ٺاهي پر هاڻي ان جي جاء تي سوشل ميڊيا اچي وئي آهي .موجوده سوشل ميڊيا ۾ جدت ۽ نواڻ تڏهن آئي جڏهن آمريڪا جي هارورڊ يونيورسٽي جي هڪ شاگرد مارڪ زوڪربرگ فيبروري 2004 ۾ پنهنجي روم ميٽ ۽ يونيورسٽي جي شاگردن جي مدد سان فيس پوڪ ايجاد ڪيو پهريان فيس بوڪ صرف يونيورسٽي جي شاگردن تائين محدود هيو ۽ صرف انهن کي ئي ميمبر شپ ڏني ويندي هئي پر بعد ۾ ٻين يونيورسٽين ۽ اسڪولن لاء ان کي کوليو ويو ڏسندي ئي ڏسندي لکين شاگردن ان سائٽ جا ميمبر بڻيا ۽ هن وقت هي دنيا جي سڀ کان وڏي سوشل ميڊيا سائٽ بڻجي چڪي آهي آمريڪا جي آبادي جي 41.6 سيڪڙو ماڻهن کي فيس بوڪ اڪائونٽ آهي ۽ سموري دنيا ۾ فيس بوڪ استعمال ڪندڙ ماڻهن جو تعداد هڪ ارب آهي جن ۾ 50 ڪروڙ ماڻهون فيس بوڪ کي موبائل تي استعمال ڪن ٿا.دنيا ۾ سوشل ميڊيا جي ٻئي وڏي سائٽ ٽويٽر آهي جنهن کي مارچ 2006 ۾ آمريڪا جي ويب ڊوليپر جيڪ ڊورسي وجود ۾ آڻيو هن وقت دنيا ۾ 50 ڪروڙ ٽويٽر جا يوزر آهن ۽ 30 ڪروڙ 40 لک ٽويٽس ميسيج هڪ ڏينهن ۾ ٿيندا آهن ٽوٽس جو مطلب آهن 140 اکر ٽويٽر ۾ توهان 140 اکرن تي مشتمل ميسيج ڏئي سگھو ٿا.سوشل ميڊيا ۾ تمام گھڻي ڪشش ۽ جدت آهي ۽ هي ميڊيا هر شخص کي پنهنجي خيالات کي شيئر ڪرڻ جو موقعو ڏئي ٿي جنهن ۾ ڪائي بہ ڪنهن تي پابندي ڪو نہ آهي .هاڻي ماڻهن جي ذهني اوسر ۽ شعور ۾ ڪافي اضافو ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي اهي الميا اهي ڳالهيون پهريان جيڪي ظاهر ڪونہ ٿيندا هئا اهي بہ هر ڪنهن جي نظر ۾ اچن پيا سوشل ميڊيا هر قسم جي رياستي ۽ عالمي دٻاء کان پاڪ آهي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي حڪومت سنسرشپ لاڳو ڪري ۽ ٻين قانوني طريقن سان دٻاء وجھي سگھي ٿي پر سوشل ميڊيا ان کان بہ آجي آهي .انهيء جي ڪري اها اڄ ڪالہ سڄي دنيا ۾ وندر تفريح معلومات شعور ۽ ڪميونيڪيشن جو سبب ٻڻجي چڪي آهي .۽ ماڻهون سڄي دنيا ۾ پنهنجا خيالات ۽ معلومات ٻين تائين شيئر ڪري رهيا آهن عرب ملڪن ۾ تہ سوشل ميڊيا انقلابي ڪردار ادا ڪري چڪي آهي .پر دنيا ۾ جتي هن وقت سوشل ميڊيا غريب محڪوم ۽ مظلوم قومن جي ترجمان آهي اتي هن وقت سنڌي بہ ڪنهن کان پوئتي ڪونہ آهن ۽ سنڌ سان ٿيندڙ ذيادتين ناانصافين تي وڏي پيماني تي سوشل ميڊيا تي بحث هلي رهيا آهن ۽ عام ماڻهن ۾ وڌ کان وڌ شعور آڻڻ جي ڪوشش جاري آهي .هن وقت سنڌ جي اسڪولن ڪاليجن تعليم ادب آرٽ سماجيات ۽ هر شعبي تي فيس بوڪ تي هزارين پيج ۽ گروپ بڻجي چڪا آهن ۽ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا بہ فيس بوڪ تي اچي ويون آهن .هن وقت فيس بوڪ تي 4 ڪروڙ 20 لک پيجز آهن ۽ فيس بوڪ گروپ جي تعداد 5 ڪروڙ 20 لک آهي ۽ ان ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي هن وقت جتي سڄي دنيا ۾ سوشل ميڊيا تبديلي ۽ انقلاب جي اهڃاڻ سمجھي ٿي وڃي اتي مون کي مستقبل ۾ پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ اميد جو ڪرڻو نظر اچي رهيو آهي .هن وقت پاڪستان ۾ 75 لک 88 هزار فيس بوڪ استعمال ڪندڙ آهن جيڪي پاڪستان جي آبادي جو 4.2 سيڪڙو آهن .پر ان ۾ گھٻرائڻ جي ڪا ڳالہ ڪونہ آهي پاڪستان ۾ وڏي تيزي سان سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن جي تعداد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي .۽ مستقبل اڃا وڌيڪ روشن آهي پر ضرورت ان ڳالہ جي آهي تہ اسان سڀ سوشل ميڊيا کي تعميري ۽ اخلاقيات لاء ڪتب آڻيون.۽ سوشل ميڊيا کي شعور تعليم ۽ معلومات جو وڌ کان وڌ ذريعو بڻايون .هن وقت اسان سوشل ميڊيا تي سنڌي ادب کي اڳتي وڌائي سگھون ٿا معاشري ۾ اصلاح آڻي سگھون ٿا ۽ سنڌ جو ڪيس بہ اسان وڙهي سگھون ٿا تہ پوء ڇو نہ اسان سوشل ميڊيا کي معاشري ۾ ٿيندڙ ناانصافين ڏاڊ تشدد جي خلاف استعمال ڪيون مون کي اميد آهي تہ اهو فرض اسان ضرور پورو ڪنداسين جنهن جي شروعات ٿي چڪي آهي سوشل ميڊيا جو ماضي بهترين حال زبردست ۽ مستقبل تمام روشن آهي .
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺو آرٽيڪل

    فيسبوڪ ۽ سوشل ميڊيا وقت سان گڏ پنهنجي پاران ضابطه اخلاق جوڙي ترقي جي راهه تي راهي ٿيندا۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ادا تمام بهترين ۽ معلوماتي ونڊ ڪيو آهي ،خوشي جي ڳاله اهيا آهي ته جيئن اوهان ٻڌايو ته فيسبوڪ چند نوجوان ڇوڪرن شروع ڪيو ۽ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ بنجي ويو،مونکي به يقين آهي ته اسان جي سنڌ سلامت فورم به سنڌ جو آواز بنجي ويندو ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود سنڌي پنهجا ويچار هن فورم جي ذريعي ونڊيندو ۽ هن تي انقلابي هلچل نظر ايندي اسان پنهجي علم ،ادب اخلاق محبت سان پنهجي هنر هڪ ٻئي جي ساٿ ۽ جسجتجو سان اها منزل حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب وينداسين جڏهن اسان جي ٻولي کي هر لکيل پڙهيل سنڌي هن فورم تي اچي پنهجي ڏکن سکن هنر ۽ قابليت سان ونڊ ڪندو ۽ هر سنڌي ڀاء ۽ ڀيڻ هڪ ٻئي جي ڀرجهلو ٿي بيهندا۽ پنهجي علمي ڄاڻ وسيلي پنهجي ماروئڙن کي عملي طرح آگاهي ڏئي انهن کي حقيقي فائدو پهچائيندا
    هي فورم عمل ڪري پنهجو پاڻ پنهجو گهر، پنهجو پاڙو پنهجو شهر پنهجي سنڌ سموري علم ادب ۽ محبت جي خوشبوء سان مهڪائي تبديلي جو اهڃاڻ آهي
    سڀني دوستن کي عرض آهي ته هن تي شيئر ٿيندڙ ڳالهين کي پنهجي اندر پروئيون ۽ زندگي جي گزرندڙانهن لمحن کي جيڪي واپس ناهن ورڻا پنهجو پاڻ تبديل ڪيون اهي انسان بنجندا هلون جيڪي هن دنيا ۾ به ۽ هن دنيا ۾ به الله پاڪ جي اعلي تخليق انسان اشرف المخلوقت جو لقب ماڻيون
    هن قوم مان الله ۽ ان جو رسول صلي الله عليه وآله وسلم هن جي بناوت ،ثقافت هن جر رهڻي ڪهڻي هن جي طور طريقن مان راضي رهندڙ آهن
    بس اسان ٻين جي روايتن کي اپنائي پنهجو تشخص وڃايو آهي جنهن کي وري حاصل ڪرڻ لاء هي فورم اسان جو رهبر آهي جتي حقيقت ۾ اهي ڀائر۽ ڀينر شامل ٿيندا رهن ٿا جيڪي سنڌ ڌرتي جو اهو درد رکن ٿا۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ساڳيو آرٽيڪل عبرت اخبار پڙهندي به نظر مان گذريو ۔۔۔ ليکڪ ياد نه آهي ۔۔۔ پر يقينن توهان ئي موڪليو هوندو۔۔۔
    توهان جي موضوع لکڻ جي انداز ۽ ڳالهه کي سمجهائڻ واري انداز ئي ثابت ڪيو ته توهان پنهنجي روزگار سان به مخلص هوندا۔۔۔
    خوشي ٿي ته اسان جي ساٿ ۾ هڪ بهترين دوست جو اضافو ٿيو۔۔ اميد ته پنهنجي ليکن کي اخبارن سان گڏ سنڌ سلامت تي به موڪليندا رهندا۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. شعيب محمد

    شعيب محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    170
    ورتل پسنديدگيون:
    338
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    ليڪچرار
    ماڳ:
    سکر
    مهرباني سائين عبرت ۾ اهو مضمون منهنجو ئي لکيل آهي هائي پنهنجا آرٽيڪل اخبارن سان گڏوگڏ هن فورم تي به انشاالله شيئر ڪندس
     
  6. شعيب محمد

    شعيب محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    170
    ورتل پسنديدگيون:
    338
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    ليڪچرار
    ماڳ:
    سکر
    سائين تمام وڏي مهرباني توهان جي هي فورم اصل ۾ موتين جي مالا آهي ۽ مون کي هي فورم ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي توهان اونڌاين ۾ روشني جو ڪرڻو ٻاريو آهي اهو ڏينهن پري ڪو نه آهي جو هي فورم حقيقي انقلاب ۽ سنڌ ادب ۾ هڪ وڏو مقام ماڻيندو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو