عتيق الرحمان
سينيئر رڪن
ديس پنهنجي مان ڌاريان ٿـي ڌڪجي وڃــون
پنهنجي مٽيءَ جي خوشبو لئه سِڪجي وڃون
يا فـلـسـطــيــنــيــن جـــئـــيــن ڦُــرجــي وڃــون
شــل انـهيءَ کان اڳــي ڪـاش وڙهندي مرون
پـنـهـنـجــي ڏاڏاڻــي قــبـــرن مــٿان هٿ کڻون
پننهنجي وڏڙن جي هڏڙن مٿان هــٿ کڻــون
يا ڀــٽــائــي جـــي ســڏڙن مــٿــان هــٿ کڻون
پنهنجي تاريخ جي مُنهن تي ڪارنهن مليون
شــل انهـيءَ کان اڳي ڪاش وڙهندي مرون....
فيسبوڪ تان ورتل