ڏکويل صورتحال جو اظهار ۔۔۔۔ ڪي ڳوڙها ساڀيان لوڙهيو ڇڏن ته ڪي ڳوڙها وري اکيون صاف ڪري ڌنڌلن منظرن کي به صاف ڪيو ڇڏن ۔۔۔ !!! ڪي ڳوڙها اکين جو نور نچوڙي ڇڏين ته ڪي وري اڃان به نور نروار ۔۔۔۔ ڳوڙهن ڳوڙهن ۾ فرق ٿئي ٿو شايد!!!!!
شاعرانه اظهار به ڪنهن ڪنهن کي اچي ۽ ڀيڻ ماريه جو ته جواب ناهي ۔۔۔۔!!!
دُوريءَ جي درد ۾اڀرندڙ احساس، جڏهن به ٿا اڀرن
آهستي آهستي وقت گزرڻ سان گڏ
بس ساه ۽ سڏڪا رهجي ٿا وڃن،
جنهن ۾ ساه زندگي هجڻ جي نشاني طور رهجي ٿا وڃن،
جڏهن ته سڏڪا خوابن کي ڳوڙهن ۾لوڙهي ٿا ڇڏين ،
گڏ جيئڻ جي حسرتن ۾ ٺاهيل ڪچو پڪومحل اڪيلائپ جي احساس ۾ ڀوائتو ٿي ٿو وڃي
من ۾ متل محبت جي گهرائي جيڪا سمنڊ جيان لڳندي هئي،
جنهن ۾ سوچن جون ڇوليون،۽ انهن جي ساڀيان سمايل هوندي هئي
هن وڇوڙي جي وهڪري ۾ نه ڄاڻ ڪاڏي وهي ويو
جنهنجي پيار جو پاڻي نه ڄاڻ ته ڪاڏي لهي ويو
ها گهرائي ته اها ئي آهي ،
جيڪا هاڻي ٿر جيان ريگستان لڳندي آهي
جنهن ۾ سڀ ارمان تتل واريء جيان هر شئي کي ساڙي ٿا ڇڏين
بس ٿوهر جهڙا زهريلا ويچار هر پل نوان ٿا ڦٽن ۽جهوري ٿا وجهن
دُوريءَ جي درد ۾اڀرندڙ احساس، جڏهن به ٿا اڀرن
بس! ساه ۽ سڏڪا رهجي ٿا وڃن،