پياري ڀيڻ شيرين کي سنڌ سلامت تي دل جي گهراين سان ڀليڪار چئجي ٿي ۔۔۔ ڀيڻ جو سنڌ ۽ سنڌيت سان پيار ڏسي دل درياهه ٿي پئي آهي ۔۔۔ ڇاڪاڻ جڏهن ڀينرون پنهنجن ڀائرن کي همٿائينديون آهن ته ڀائر جبلن مان کير به ڪڍي وجهندا آهن ۔۔۔ بيشڪ سنڌ جي ثقافت دنيا جي سهڻي ثقافتن مان هڪ آهي ۽ اسان لا ته سڀ کان سهڻي ۽ پياري آهي ۔۔۔ اميد ته اسانجا سڀ دوست ايندڙ قومي ايڪتا ڏهاڙو پنهنجي پوري زور ۽ شور سان ملهائيندا ۔۔۔ ۽ دنيا جي آڏو اهو ظاهر ڪندا ته هو پنهنجي ديس ۽ انجي ثقافت سان ڪيترو پيار ڪنٿا ۔۔۔ سائين! سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار ، دوست! مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين۔
ڀيڻ شيرين کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ڪيون ٿا۔ اسانکي به خوشي ٿي جو اسان جي هڪ ڀيڻ سنڌ سلامت فورم ۾ شامل ٿي آهي ۽ سنڌ جي مسئلن تي پنهنجو آواز اٿاريندي۔ ڀيڻ اسان اميد ڪنداسين ته اوهان پنهنجي قلم ذريعي پنهنجا خيال هتي شيئر ڪندا رهو۔
مونکي يقين آهي ته سنڌڙ امڙ جي سينڌ سينگاريندڙ هي ڀيڻون ۽ ڀائر پنهجي پيار ۽ پاٻوه سان ،علم ۽ ادب سان،هن فورم کي اهڙو ته سينگاريندا جو ايندڙ نسل جن کان اسان جي ٻولي ثقافت،لڄ حياء کسڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ثابت ڪندا ته سنڌي جيئرا آهن انهن جي ٻولي زنده آهي ۽ سنڌ امڙ جا پٽ پنهجي لوئي ۽ لڄ جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻن ٿا، آء ڀيڻ شيرين کي دل جي گهرائين سان هڪ ڀيڻ جو مان ڏيان ٿو۽ اميد ڪيان ٿو ته پنهجي ڀائرن جي عزت ۽ عزمت جو مان رکندي هن فورم کي سينگارڻ ۾ مددگار رهندي، الله سائين اوهان کي سلامت رکي ،دنيا و آخرت جي ڪاميابي عطا ڪري،سنڌ امڙ تي ايندڙ هر مصيبت سان وڙهڻ جي قوت عطا ڪري،آمين