سانوڻ خاصخيلي
سينيئر رڪن
پيرن اُگھاڙي پِتڪڙ ي
پيرن اُگھاڙي پِتڪڙ ي
پيٽ بُکايل پاھ لڳي ٿي
اجنبي سا راھ لڳي ٿي
تن تي پھريل ڪپڙا لِيڙون
سر بي سنوريل وارن وِيڙون
نيڻين نِنڊ ڀي ونڊيل آ
ڄڻ سارو منظر منڊيل آ
ھُو نيڻين نِير وھائي ٿي
۽ شان برابر چاھي ٿي
ھو نوري ناري نِتڪڙي
پيرن اُگھاڙي پِتڪڙ ي