• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

د نيا ۾ داد نڪو فرياد

ڪير سڻي قرياد ! د نيا۾ داد نڪو فرياد !
پل پل جنهن ۾ ڏوهه پلي ٿو
پئسن تي انصاف ملي ٿو
هنيان ءٌ سڙي ٿو ، جئ جلي ٿو

ظالم زنده باد ، د نيا۾ داد نڪو فرياد !

ڪوڙن کي هت مان ملي ٿو

سچ نه ڪو ڪنهن ساڻ سلي ٿو

هرڪو پنهنجي ٽور ٽلي ٿو

حق نه ڪنهن کي ياد ، د نيا۾ داد نڪو فرياد

چورن جي آ چو ڪيداري

سوداگر جي صو بيداري

جنهن وٽ دولت تنهنجي ساري .

واه ! وطن ٿيو شاد ! د نيا۾ داد نڪو فرياد

پئسن تي هت ، پيار وڪامي

سهڻن جو سينگار و ڪامي

موذي منصبدارن وڪامي .

هر ڪو ٿيو آزاد . د نيا۾ داد نڪو فرياد

وک وک تي ٿيا سئو واڳو

بيڏ و هين سان ، سئو ڏهه آلاڳو

چور ڇٽن هت ڀاڳيا قابو

ڪيو ڪري فرياد ؟ د نيا۾ داد نڪو فرياد

شرم ويو ۽ شان هليو ويو
اخلاق ۽ ايمان هليو ويو
مهر و مروت مان هليو ويو
سڀ ڪجهه ٿيو برباد ، د نيا۾ داد نڪو فرياد
محل مڏيون مانڊاڻ وڪاڻا
کيت وڪاڻا ، ڀاڻ وڪاڻا
ماروئڙن جا ماڻ وڪاڻا
سانگيئڙا ناشاد ، د نيا۾ داد نڪو فرياد
باغ ٻنيون بستان وڪاڻا
ڪوٺيون ۽ دالان وڪاڻا
مير وڪاڻا ، خان وڪاڻا
شڪيل ڪيڏا ٿيا بيداد ! د نيا۾ داد نڪو فرياد ؟:rolleyes:



 
ڪير سڻي قرياد ! د نيا۾ داد نڪو فرياد !
پل پل جنهن ۾ ڏوهه پلي ٿو
پئسن تي انصاف ملي ٿو
هنيان ءٌ سڙي ٿو ، جئ جلي ٿو
ظالم زنده باد ، د نيا۾ داد نڪو فرياد !
ڪوڙن کي هت مان ملي ٿو
سچ نه ڪو ڪنهن ساڻ سلي ٿو
هرڪو پنهنجي ٽور ٽلي ٿو
حق نه ڪنهن کي ياد ، د نيا۾ داد نڪو فرياد
چورن جي آ چو ڪيداري
سوداگر جي صو بيداري
جنهن وٽ دولت تنهنجي ساري .
واه ! وطن ٿيو شاد ! د نيا۾ داد نڪو فرياد
پئسن تي هت ، پيار وڪامي
سهڻن جو سينگار و ڪامي
موذي منصبدارن وڪامي .
هر ڪو ٿيو آزاد . د نيا۾ داد نڪو فرياد
وک وک تي ٿيا سئو واڳو
بيڏ و هين سان ، سئو ڏهه آلاڳو
چور ڇٽن هت ڀاڳيا قابو
ڪيو ڪري فرياد ؟ د نيا۾ داد نڪو فرياد
شرم ويو ۽ شان هليو ويو
اخلاق ۽ ايمان هليو ويو
مهر و مروت مان هليو ويو
سڀ ڪجهه ٿيو برباد ، د نيا۾ داد نڪو فرياد
محل مڏيون مانڊاڻ وڪاڻا
کيت وڪاڻا ، ڀاڻ وڪاڻا
ماروئڙن جا ماڻ وڪاڻا
سانگيئڙا ناشاد ، د نيا۾ داد نڪو فرياد
باغ ٻنيون بستان وڪاڻا
ڪوٺيون ۽ دالان وڪاڻا
مير وڪاڻا ، خان وڪاڻا
شڪيل ڪيڏا ٿيا بيداد ! د نيا۾ داد نڪو فرياد ؟:rolleyes:
سائين محترم شڪيل صاحب اوهان جو هنر لاجواب آهي جنهن خوبصورتي سان ماروئڙن جا احساس چٽيا آهن قابلِ تعريف آهي ،بهترين پيغام ڏنو آهي اميد ته لاڀائتو ٿيندو،تمام بهترين
ڪوڙن کي هت مان ملي ٿو
سچ نه ڪو ڪنهن ساڻ سلي ٿو
هرڪو پنهنجي ٽور ٽلي ٿو
حق نه ڪنهن کي ياد ، د نيا۾ داد نڪو فرياد
چورن جي آ چو ڪيداري
سوداگر جي صو بيداري
جنهن وٽ دولت تنهنجي ساري .
واه ! وطن ٿيو شاد ! د نيا۾ داد نڪو فرياد
 
اوهان جا خيال اوهان جو مشاهدو بلڪل صحيح آهي ۔۔۔۔

ڪاش ڪا تبديلي اچي۔۔۔۔۔۔ اوهان جي شيئرنگ ۽ اوهان جا خيال وڻيا
 
Back
Top