شڪيل احمد مري بلوچ
سينيئر رڪن
ڪير سڻي قرياد ! د نيا۾ داد نڪو فرياد !
پل پل جنهن ۾ ڏوهه پلي ٿو
پئسن تي انصاف ملي ٿو
هنيان ءٌ سڙي ٿو ، جئ جلي ٿو
ظالم زنده باد ، د نيا۾ داد نڪو فرياد !
ڪوڙن کي هت مان ملي ٿو
سچ نه ڪو ڪنهن ساڻ سلي ٿو
هرڪو پنهنجي ٽور ٽلي ٿو
حق نه ڪنهن کي ياد ، د نيا۾ داد نڪو فرياد
چورن جي آ چو ڪيداري
سوداگر جي صو بيداري
جنهن وٽ دولت تنهنجي ساري .
واه ! وطن ٿيو شاد ! د نيا۾ داد نڪو فرياد
پئسن تي هت ، پيار وڪامي
سهڻن جو سينگار و ڪامي
موذي منصبدارن وڪامي .
هر ڪو ٿيو آزاد . د نيا۾ داد نڪو فرياد
وک وک تي ٿيا سئو واڳو
بيڏ و هين سان ، سئو ڏهه آلاڳو
چور ڇٽن هت ڀاڳيا قابو
ڪيو ڪري فرياد ؟ د نيا۾ داد نڪو فرياد
شرم ويو ۽ شان هليو ويو
ظالم زنده باد ، د نيا۾ داد نڪو فرياد !
ڪوڙن کي هت مان ملي ٿو
سچ نه ڪو ڪنهن ساڻ سلي ٿو
هرڪو پنهنجي ٽور ٽلي ٿو
حق نه ڪنهن کي ياد ، د نيا۾ داد نڪو فرياد
چورن جي آ چو ڪيداري
سوداگر جي صو بيداري
جنهن وٽ دولت تنهنجي ساري .
واه ! وطن ٿيو شاد ! د نيا۾ داد نڪو فرياد
پئسن تي هت ، پيار وڪامي
سهڻن جو سينگار و ڪامي
موذي منصبدارن وڪامي .
هر ڪو ٿيو آزاد . د نيا۾ داد نڪو فرياد
وک وک تي ٿيا سئو واڳو
بيڏ و هين سان ، سئو ڏهه آلاڳو
چور ڇٽن هت ڀاڳيا قابو
ڪيو ڪري فرياد ؟ د نيا۾ داد نڪو فرياد
شرم ويو ۽ شان هليو ويو
اخلاق ۽ ايمان هليو ويو
مهر و مروت مان هليو ويو
سڀ ڪجهه ٿيو برباد ، د نيا۾ داد نڪو فرياد
محل مڏيون مانڊاڻ وڪاڻا
کيت وڪاڻا ، ڀاڻ وڪاڻا
ماروئڙن جا ماڻ وڪاڻا
سانگيئڙا ناشاد ، د نيا۾ داد نڪو فرياد
باغ ٻنيون بستان وڪاڻا
ڪوٺيون ۽ دالان وڪاڻا
مير وڪاڻا ، خان وڪاڻا
شڪيل ڪيڏا ٿيا بيداد ! د نيا۾ داد نڪو فرياد ؟
