شاهين لطيف ، سنڌي ،
سينيئر رڪن
اخبار وارن کي صلاح
وقتي معلومات يا دنيا جي خبر چارحاصل ڪرڻ لاءِضروري آهي ته اسان اَخباريا رسالا پڙهندا آهيون ۽ اُنهن جي ذريعي ملڪ ۾يا ملڪ کان ٻاهر ڇا ٿي رهيو آهي جي ڄاڻ پوندي آهي
ملڪ کان ٻاهر واري خبر ته هونءَ به وڏي يا مشهور شهر سان ڳنڍي بيان ڪئي ويندي آهي
پر پنهنجي سنڌ جي خبر ڪڏهن ڪڏهن پريشان ڪندي آهي ته اهِا خبر ڪٿان جي آهي
ٿيندو ائين آهي ته سنڌ جا کوڙاهڙا شهر يا ڳوٺ آهن جنهجي باري ۾ هر ڪنهن کي ڄاڻ نه هوندي آهي ته اهِاخبر ڪهڙي تعلقي يا ضلعي جي آهي رڳو ڳوٺ جو نالو هوندو آهي ۽ اسان جي سنڌ ۾ کوڙ اهڙا ڳوٺ به آهن جن جا نالا هڪ جهڙا آهن پر ضلعه ٻيا ٻيا آهن، جيئن”پير جو ڳوٺ ضلعي لاڙڪاڻي۾نئين ديري جي ڀرسان آهي“۽ ٻيو خيرپور ۾ واقع آهي ائين ٿر جا ڪئيترائي شهر ۽ انهن جي تعلقن ۽ضلعن جي ڄاڻ اُتروارن کي نه آهي ۽اِهڙا کوڙ سارا ڳوٺ،شهر هوندا جن جي ڄاڻ لاڙ وارن کي نه هوندي
سو اَخبار وارن کي منهنجي صلاح آهي ته ڪنهن به ڳوٺ يا شهر جي ڀرسان اُتان جي ضلعي جو نالو پڻ لکيو وڃي جئين عام پڙهندڙن کي اِها خبر پوي ته سجاول لاڙڪاڻي واري جي خبر آهي يا سجاول ٺٽي واري جي خبر آهي ائين ڪرڻ سان سڀني ماڻهن جي ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو ۽ نئين جوڙجڪ ڪيل ضلعن جي به ڄاڻ پوندي ته هاڻي ڪهڙو شهر يا ڳوٺ ڪهڙي ضلعي ۾ آهي ۽ اِها وقت جي ضرورت پڻ آهي۔