مٿي پهاڙن تي هڪ بزرگ پنهنجي پوٽي سان گڏ رهندو هو۔۔ هو روزانو صبح جو قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندا هئا۔۔ بزرگ جو پوٽو هميشه ڪوشش ۾ رهندو هو ته هو پنهنجي ڏاڏي جهڙو بڻجي۔۔ هڪ ڏينهن پوٽو چوڻ لڳو ۔۔”ڏاڏا مان به توهان وانگر قرآن پاڪ پڙهڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان۔۔ پر مون کي سمجهه ۾ نه ايندو آهي۔۔۔ جيڪو ٿورو گهڻو سمجهه اچي اهو به جيئن ئي مان قرآن بند ڪندو آهيان وسريو وڃي۔۔ اهڙي قرآن پڙهڻ مان اسان ڇا سکي سگهنداسين۔۔۔ مون کي ته ڪجهه فائدو نظر نه ٿو اچي۔۔۔“ ڏاڏي خاموشي سان کيس ڪوئلن سان ڀريل ٽوڪري خالي ڪري سندس حوالي ڪئي ۔۔ ۽ چيائين ۔۔ ”وڄ۔۔۔ وڃي هيٺان وهندڙ ندي مان پاڻي جي ٽوڪري ڀري اچ۔۔۔“ پوٽي ڏاڏي جو حڪم مڃيندي هيٺ نهر مان پاڻي ڀري موٽيو پر گهر تائين پهچندي پهچندي ٽوڪري مان سڀ پاڻي وهي ويو۔۔ ڏاڏي مسڪرايو ۽ چيائين۔۔”تون هن دفعي وڌيڪ تيز قدم کڻجانء ۽ اچڻ ۾ جلدي ڪجانء۔۔۔“ ۽ ان کي واپس موڪلي ڇڏيو۔۔ هن دفعي ڇوڪرو وڌيڪ تيزي سان واپس موٽندي گهر تائين پهتو ۔۔ پر گهر پهچندي پهچندي هڪ دفعو وري ٽوڪري پاڻي کان خالي ٿي وئي۔۔ تيز هلڻ سان سندس ساهه ڦوڪجي رهيو هو ۔۔ ۽ انهي ڪيفيت ۾ ئي هن ڏاڏا کي چيو۔۔ ”ٽوڪري ۾ پاڻي ڀرڻ ممڪن ئي ناهي۔۔ مان بالٽي ۾ پاڻي ڀري اچان ٿو۔۔۔“ ڏاڏا وراڻيو۔۔۔ ”مون کي پاڻي جي بالٽي نه کپي ۔۔۔ پر پاڻي جي ٽوڪري گهرجي۔۔ تون ٺيڪ طرح ڪوشش نه ٿو ڪرين۔۔۔“ ڏاڏا کيس وري واپس موڪليو ۽ هن دفعي سندس واپسي جو انتظار ڪرڻ لاءِ در تي بيهي رهيو۔۔ ڇوڪري کي خبر هئي ته اهو ناممڪن آهي پر هن پنهنجي ڏاڏا کي ڏيکارڻ لاءِ هڪ دفعو وري نهر مان ٽوڪري ۾ پاڻي ڀريو ۽ تيزي سان واپس ڊوڙندو واپس وريو۔۔ پر واپس ايندي ايندي ٽوڪري مان سمورو پاڻي ضايع ٿي ويو۔۔ واپس پهچي هن ڏاڏا کي چيو۔۔۔ ”ڏٺوَ ڏاڏا۔۔۔ ٽوڪري ۾ پاڻي ڀرڻ بي سود آهي۔۔۔ “ ڏاڏي ٽوڪري ڏانهن ڏٺو ۽ چيائين۔۔ ”ٽوڪري ڏانهن ڏس۔۔۔“ ڇوڪري ٽوڪري کي ڏٺو ۽ پهريون دفعو کيس احساس ٿيو ته ٽوڪري پهرين کان مختلف آهي۔۔ اها هاڻي پراڻي ۽ گندي ٽوڪري بجاءِ اندران ۽ ٻاهران صاف سٿري ٿي چڪي هئي۔۔۔ ڏاڏي چيو۔۔ ” پٽ جڏهن اسان قرآن پڙهندا آهيون ته چاهي اسان ان جو هڪ به لفظ سمجهي نه سگهندا هجون ۔۔ يا ياد نه ڪري سگهندا هجون پر پوءِ به ان جي تلاوت اسان کي اندران ٻاهران ائين ئي صاف ڪري ڇڏيندي آهي۔۔۔ اهڙي طرح الله تعالى اسان جي زندگي تبديل ڪندو آهي۔۔۔
الله پاڪ اسان کي قرآن پاڪ پڙهڻ سمجهڻ ۽ عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي،الله ڪري اسان جي گفتگو ۾ اهيوئي ذڪر هلندو رهي،اسان رب العالمين جي هن ڪلام ۽ رحمت اللعالمين صلي الله عليه وآله وسلم جن جي ادا ڪيل هنن لفظن کي پنهجي زندگي جو حصو بنايون ۽ اجائي گيتن جي جاء تي هي سڀ گنگنايون،
قرآن شريف جي تعليم هر مسلمان انسان تي فرض آهي اسان کي قرآن شريف جي تعليم ضرور حاصل ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي ٻارن کي به پهريان قرآن شريف جي تعليم ڏيڻ گهرجي جيڪڏهن اسان قرآن شريف جي تعليم کي عام ڪنداسين ته الله تعالي تمام خوش ٿيندو ۽ پنهنجن گنهاگارن تي رحم فرمائنيدو