ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
سماج ۾ ذهني پيڙاءُ ڏسائي
ان جي پٺيان ڪا ڳالھ ته آهي
هي سماج جا اڻپورا دستور
ڏاڍو هيڻي جا حق ٿو ڦٻائي
داد رسن کي ڪهڙي ڏجي دانهن
داد رس ويٺو ٿو زبان وڍائي
غيرت جو ڏيندڙ هوڪو
ٻين جي ننگن ڏي واجهائي
سمجهيو جو ماڻهون معتبر
سو پيو نينگريون نچائي
سچ ٿيو آهي رُسوا زماني ۾
عزت ويڍو ڪوڙ ڪمائي
سو بچندو هن بي چيني کان
ڏاڏل بيضميري کان پاڻ بچائي