شيرين
سينيئر رڪن
شهنشاهه هڪڙو هئو خوش مزاج،
ڪچهري ۾ پهري هو ويٺو هو تاج،
اچي مسخرو ات سلامي ٿيو،
شهنشاهه تنهن کي تڏهن هيئن چيو،
ميان مسخرا توکي ڏيان ٿو انعام،
مگر ياد رکجانءِ منهنجو انعام،
ڏسين پاڻ کان عقل ۾ ڪوبه گهٽ،
ڏجان چيز منهنجي تنهين کي ڏني پوءِ لٺ،
وٺي مسخري ڪئي سلامن جي سٺ،
هڪي ڏينهن شهنشاهه بيمار ٿيو،،
پڇڻ مسخرو تنهن املاڪ ويو،،
چيو شاهه. تنهن کي؛ وڃان ٿو سفر،،
دعا ڪ ا پڇاڙ ي ۾ مونکي تون ڪر،
پڇيو مسخري ات ٻڌي هٿ تڏهن
شهنشاهه جي موٽ ٿيندي ڪڏهن؟
چيو شاهه؛ وڃان ٿو پري کان پري،
وريو ڪونه ڄاڻان نڪو ڪو وري،
پچيو مسخري پوءِ ٻڌي هٿ ٻئي،
سفر جي تياري توهان ڇا ڪئي؟
چيو شاهه. سفر لاءِ ناهيان تيار،
ڪندو معاف شل مون کي پروردگار.
چيو مسخري ؛ هي عجب آ بيان
وڃِي جو سفر تي نٿو ٿي تيار،
عقل جو انهي وٽ چئبو ڏڪار،
وٺو لٺ پنهنجي نه گهرجي مونکي،
اوهان جي امانت اوهان کي هجي،
شاعر ڀيرومل غريب