نفرت ، بيائي ، ڌڪار ناهه مناسب تو کي يار هوش ته ٿورو دل ۾ ڌار توکي چوندو ڇا سنسار حيف هجئي اي ڌاريا يار پنهنجا ڀي ڏس ڪجهه پرڪار پنهنجو سڀ سامان ڦرائي عزت ۽ سو مان لٽائي آ ئين مون وٽ ماڳ مٽائي تو کي ڄاتم پنهنجو يار پنهنجا ڀي ڏس ڪجهه پرڪار حيف هجئي اي ڌاريا يار تو جڏهين هت ڀال ڀلايا پلڪن تي مون ديپ جلايا سڪ مان تولئه گيت بڻايا ڪوٺيون ۽ ايوان سجايا پر تون ٿئين سنڌ جا سوداگر يار پنهنجا ڀي ڏس ڪجهه پرڪار حيف هجئي اي ڌاريا يار مون ٿي تو لئه ڪانگ اُڏايا ڪهڙا ڪهڙا رنگ رچايا صد ين وارا ساٿ وڃايا کيت ، ٻنيون دالان ورهايا پر تو سمجهيو ڌاريو يار پنهنجا ڀي ڏس ڪجهه پرڪار حيف هجئي اي ڌاريا يار منهنجي لئه تو خارو ڇايا ڪيچي بڻجي قهر ڪمايا مارن جا تو ماڳ پٽايا سانگيئڙن سان ويل وهايا پاپي ڏس پنهنجا ڀي پار پنهنجا ڀي ڏس ڪجهه پرڪار حيف هجئي اي ڌاريا يار سانگيئڙي کان سنگ کسيا تو جهانگيئڙن کان جهنگ کسيا تو جيئڻ جا سڀ ڍنگ کسيا تو روپ کسيا تو رنگ کسيا تو ڌاريا آخر ٿي وئين ڌار پنهنجا ڀي ڏس ڪجهه پرڪار حيف هجئي اي ڌاريا يار زلفن جي ڪاراڻ کسي وئين ڳلڙن جي ڳاڙهاڻ کسي وئين ڌرتئ جي سر هاڻ کسي وئين چوڏهينءَ جي چانڊاڻ کسي وئين غارت ڪيئي سڀ سهبج سڪار پنهنجا ڀي ڏس ڪجهه پرڪار حيف هجئي اي ڌاريا يار جنهن ۾ پهرين مون اک لولي پيار ڀري جيجل جي جهولي جنهن ۾ ماءُ ڏني ٿي لولي اُن ٻولئ تي چوڙيئه گولي لولئ تي تو ڪئي للڪار پنهنجا ڀي ڏس ڪجهه پرڪار حيف هجئي اي ڌاريا يار
[quote="شڪيل احمد مري بلوچ, post: 114768, member: 3448" حيف هجئي اي ڌاريا يار [/quote] ادا تو ڇا ڌاريا ڌاريا يار هاڻي رو ويٺو زارور زار غير سان ناهي ڪبو پيار غير جو ناهي ڪو اعتبار منهن مڪهي هٿ ۾ تلواراهو رهيو غيرن جو ڪردار اڃا وقت ناهي ويو مريغيرن کي ڌڪي ڪر ڌار