• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

روز ٿيون نيون نيون سازشون ٺهن پيون

AZAM AFZAL

سينيئر رڪن
اچن پيون، وڃن پيون، لمي مٿان لهن پيون
اي مياڻي تنهنجي ماس کي، اڃان ڳجهون پٽن پيون

ڪاله هو جو قوس ٿيو خبر اٿئي سو کنهن ڪيو
ڀينرون ڀنڀور جون ڏس ته کيئين ڪُسن پيون
اي مياڻي تنهنجي ماس کي اڃان ڳجهون پٽن پيون

اڃان به ساڳيو انڌ آ ٿو سنڌ توکي دانهن ڏيان
ڏاهيون تنهنجي ڏيه جون، ٿيون ڏاگھ تي چڙهن پيون
اي مياڻي تنهنجي ماس کي اڃان ڳجهون پٽن پيون

رات کيئن کٽي هتي ۽ باک کئين ڦٽي ڀلا
روز ٿيون نيون نيون سازشون ٺهن پيون
اي مياڻي تنهنجي ماس کي اڃان ڳجهون پٽن پيون
 
Back
Top