هٿ جو هنر

'مختلف موضوع' فورم ۾ شيرين طرفان آندل موضوعَ ‏29 نومبر 2012۔

  1. شيرين

    شيرين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    796
    ورتل پسنديدگيون:
    3,570
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    جهول ضلع سانگهڙ
    قدرت پاڪستان کي نه رڳو زرعي پيداوار سان مالا مال ڪيو آهي، پر معدني پيدوار سان به نوازيو آهي۔ پاڪستان جا ماڻهو هٿ جي هنر ۾ ملڪا ملڪ مشهور آهن۔ هٿ جي هنر کي هر جا تي خاص اهميت حاصل آهي، سنڌي ۾ اها چوڻي مشهور آهي ته هنر دولت آهي پر ها هنر واقع دولت آهي هنر هڪ اهڙي دولت آهي جيڪا ڪڏهن کٽي نٿي سگهي، دنيا جا ڪيترا ئي خوش نصيب ماڻهو آهن جيڪي هٿ جي هنر سان مالا مال آهن هنر مند انسان ڪڏهن ڏکن ۾ نه پوندا آهن هنر عورت توڙي مرد جو سينگار اهي توهان ڏٺو هوندو ڳوٺن جون عورتون وادڪائي ۾ هٿ جون رليون، اڳٺ،رومال،ڀرت ڀرڻ وغيره جو ڪم ڪنديو آهن۔هنرهر انسان کي اچڻ گهرجي چاهي اهو ڪوبه هنر ڇو نه هجي، اڃڪلهه نوڪريون ملڻ تمام مشڪل ٿي ويون آهن جن ماڻهن کي هٿ جو هنر نٿو اچي ان کان وڃين پڇجي ته هو اماڻهو ڪيترا نه پريشان آهن هنر کان سوا انسان اڌورو آهي۔ هڪ پاسي اگر هو تعليم حاصل ڪري رهيو آهي ته ٻئي پاسي ان کي هنر سکڻ به ضرور گهرجي هنر مند ماڻهون مٽي ۽ مان پنهنجي هٿن سان سهڻيون سهڻيون شيون تيار ڪري ملڪ جي خوشحالي ۾ اضافو ڪندا آهن هٿ هلائي ڪا شي تيار ڪجي ان کي هٿ جو هنر چئجي ٿو۔پاڪستان ٺهڻ کان پو حڪومت هٿ جي هنر کي نئين سر ترقي وٺائي آهي، جنهن ڪري ملڪ جي هنر کي وڏي هٿي ملي آهي۔ڪيترائي ماڻهو هٿ جي هنر کي وساري ويٺا هئا انهن کي وري همٿايو ويو آهي،ان کان سوا ڪيترا نوان هنر پڻ ايجاد ڪيا ويا، اسان کي گهرجي ته اسان کي تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ هنر به سکڻ گهرجي۔ 1183 اٽيچمينٽ ڏسو 1184 اٽيچمينٽ ڏسو
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو