سنڌ آهي سنڌين جو نگڙو،سنڌ آهي سنڌين جو نگڙو،ڳالهائي نه ٿي تون تڪڙو،سنڌ آهي سنڌين جو ننگڙو، (1) هت ڏاڍ نه تنهنجي هلندي هت چال نه تنهنجي چلندي،هت ما اسان کي سڏيندي، سڏ سڏ سان ڏبو اٿي سڏڙو، (2) هت سنڌ ۾ رهن ٿا جوڌا ،هت هوشو ۽ هيمون دوداهت هيڏو نه بڪ بيهودا، هت ڏاڍو ٿيندي تون بڇڙو (3) هت خون جون نديون وهنديون، هت مائرون پتن کان ٽٽنديون،هت رت جو هوليون به ٿينديون،اهو ٻوڙي ماريندئي رتڙو، (4) هت ڌار ٿيندا سر ڌڙ کئون، نه ڍڃندا تنهنجي لشڪر کئون،آواز ايندو هر گهر کئون، هت ڀانئه نه سنڌي تون هڪڙو، (5) ٻئي پاسا سنڌو جا ڪنارا،جٿ مارو رهن موچاراهڻي صادق سنڌ جا نعرا،ڪند توکي لولو ۽ لنگڙو،شاعر محمد صادق خاصخيليهي شاعري منهنجي بابا سائين جي آهي