ڪلام

شيرين

سينيئر رڪن
سنڌ آهي سنڌين جو نگڙو،سنڌ آهي سنڌين جو نگڙو،​
ڳالهائي نه ٿي تون تڪڙو،سنڌ آهي سنڌين جو ننگڙو،​
(1)​
هت ڏاڍ نه تنهنجي هلندي هت چال نه تنهنجي چلندي،​
هت ما اسان کي سڏيندي، سڏ سڏ سان ڏبو اٿي سڏڙو،​
(2)​
هت سنڌ ۾ رهن ٿا جوڌا ،هت هوشو ۽ هيمون دودا​
هت هيڏو نه بڪ بيهودا، هت ڏاڍو ٿيندي تون بڇڙو​
(3)​
هت خون جون نديون وهنديون، هت مائرون پتن کان ٽٽنديون،​
هت رت جو هوليون به ٿينديون،اهو ٻوڙي ماريندئي رتڙو،​
(4)​
هت ڌار ٿيندا سر ڌڙ کئون، نه ڍڃندا تنهنجي لشڪر کئون،​
آواز ايندو هر گهر کئون، هت ڀانئه نه سنڌي تون هڪڙو،​
(5)​
ٻئي پاسا سنڌو جا ڪنارا،جٿ مارو رهن موچارا​
هڻي صادق سنڌ جا نعرا،ڪند توکي لولو ۽ لنگڙو،​
شاعر محمد صادق خاصخيلي​
هي شاعري منهنجي بابا سائين جي آهي
 
Back
Top