بي بي سي ۽ ٻين ويب سائيٽس جي حوالي سان تازه خبرون مليون آهن ته آسٽريليا جي شهر سڊني جي ساحلن جو رنگ ڳاڙهو ٿيڻ لڳو آهي۔ پري کان اهو بلڪل خون وانگر نظر اچي ٿو۔ ان جو هڪ سبب ڳاڙهي رنگ جو سينور آهي، جنهن کي انگريزي ۾ algae سڏجي ٿو۔ چيو وڃي ٿو ته ان سبب ڪجهه مڇين جو موت به ٿيو آهي۔ جيتوڻيڪ اهو پاڻي ڪو زهريلو ناهي پر پوء به ماڻهن لاء سمنڊ جا ساحل بند ڪيا ويا آهن۔ پاڻيء جا سيمپل ورتا ويا آهن ته جيئن ان جي ڳاڙهي ٿيڻ جا سبب معلوم ڪري سگهجن۔ تصويرون بي بي سي اردو جي ويب سائيٽ جي ٿورن سان: