• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪ غزل هڪ تاثر۔

هڪ غزل هڪ تاثر۔۔۔۔۔شاهين سنڌي

جڏهن معاشري ۾ زيادتن جي واڌ جو طوفان ايندو آهي، جڏهن حقن جي لتاڙڪندڙ پنهنجو حق سمجهڻ شروع ڪندا آهن ته اُتي انهن ناانصافين کي ٻجو ڏيڻ لاءِ نندا جو آغاز ٿيندو آهي۔ انهن آغاز ڪندڙن ۾ هڪ شاعر جي ڏات به تڙپندي آهي ۽ ان تڙپ کي هو پنهنجي ڏات وسيلي پڌرو ڪندو آهي۔ اهڙن شاعرن ۾ اسان جي نئين ٽهي جو معروف شاعر اختر پيا (اختر سولنگي ) جو شمار به اچي وڃي ٿو، جيڪو پنهنجي شاعري وسيلي سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين تي تڙپيو آهي۔ اُن جي تڙپ هن جي آيل ۡ” وفائون به ويري“ ڪتاب جي ورقن تي اُڪريل آهي۔ پنهنجي پهرين غزل ۾چوي ٿو :

سراپا سچ چوندي ڇو، اسان واٽون وڃايون ٿا ؟
ڪري ڪا ڳالهه ڪوڙن جي،سگھو ساڃهه سجايون ٿا؟

رهي پت نا رهي ڀل نا ،زمانو گهٽ ڪري ٿو ڇا ؟
وڌي وڌ کان قدم تڏهن ، اڃا اڳتي وڌايون ٿا ۔

رڳو شد مد ته ڳالهين ۾ اُساٽن ۾ اندر اُٻري،
ملي مهلت گهڻو خوش ٿي ، ڏکائي دل ڏکايون ٿا

حياتي روڳ جي بڻجي اِهو به ڪو مهڻو آ
عزت اچڻي وڃڻي آ، ڪمائي زر ڪمايون ٿا

ڪري ارمان ” اختر“ ڪي فنا ٿيندي فنا ٿيندا
سچائي سچ چيو جن ڀي تنين جو تن تپايون ٿا
 
سراپا سچ چوندي ڇو، اسان واٽون وڃايون ٿا ؟
ڪري ڪا ڳالهه ڪوڙن جي،سگھو ساڃهه سجايون ٿا؟

اختر پيا جا خيال تمام سهڻا۔ هو وقتائتي ڳالهه ڪري ٿو۔ شاهين سائين اوهان جي سهڻي شيئرنگ
 
Back
Top