• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جمهوريت جو نعرو

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
جمهوريت جو سي ٿا هڻن نعرو

جن جو منهن آهي ڪارو


هر طرف هلي ٿو قانونڪارو

ڪرپٽ آهي هر هڪ ادارو


ڳِجهُن جيان انتظار ۾ سڀ

هر ڪو ٿو واجهائي ويٺو وارو


غريب جي پيٽ تي پٿر مٿان پٿر

ظالم ڏينهون ڏينهن متارو


لاشن مٿان لاشا خوش باشاه

اقتدار انسانن کان آهي پيارو


ان پوڙهي پي ءُ کان پڇي ڏسو

ڪالھ جو دفنائي آيو سهارو


بي ضميرن جي آهي بادشاهي

ڏاڏل سو به گنهگار جو ڏسي نظارو
 
Back
Top