• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اَي سنڌ، مِٺي سنڌ

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مگسي
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مگسي

سينيئر رڪن

اَي سنڌ، مِٺي سنڌ،
تو کي ڳايان مان هر هنڌ،
اَي سنڌ منهنجي جِند،
تو کي ڳايان مان هر هنڌ.
تون آهين ويساهه منهنجو،
تو ۾ ئي آ ساهه منهنجو،
ٿو پُڪاري سَنڌُ سَنڌُ،
اَي سنڌ، مِٺي سنڌ.
تنهنجا مان جھر جھنگ گھُمان،
تنهنجي مِٽيءَ کي مان ڇُهان،
جِيءَ جياري سَنڌ سُڳنڌ،
اي سنڌ، مٺي سنڌ.
تو مان مان ڄائو آهيان،
تو مان ئي ٿيو سائو آهيان،
تو سين آهي اُوچو ڪنڌ،
اي سنڌ، مٺي سنڌ.
چاهي ڪاڏي ڏور وڃان مان،
چاهي امبر منجھه اڏان مان،
ته به تو ڏي جاري رهندو پنڌ،
اي سنڌ، مٺي سنڌ.
تنهنجي ويرين سان وڙهندس،
غدار گيدين سان لڙندس،
جن مچايو آهي انڌ،
اي سنڌ، مٺي سنڌ.
جڳ ۾ سڀ کان پياري تون،
قلب لئي عيد ۽ ڏياري تون،
باقي سڀ ڪجھه آهي ڌُنڌ،
اي سنڌ، مٺي سنڌ.
 
Back
Top