ماريه ڪنول
سينيئر رڪن
هڪ خيال
رات ڪيڏي ٿڌ هئي۔۔۔
ان لا مون تهنجين يادين جي،
شال اوڌي ڊسمبر جي آجيان ڪئي !!
تو سوا ايئن پيو لڳي جانان،
ڄڻ هن ڊسمبر ۾دل جون رڳون،
وڇوڙي جي برفباري ۾ ڄمي،
بند ٿي ويون هجن۔۔۔
تهنجي سونهن جي سرڪي
مهنجي جيون جو سنيهو آهن۔
وڇوڙو ڄڻ مهنجي ڪائنات کي،
ورهائي ويو آهي!!!
دل جو هر موسم ڄڻ قيدي ٿي ويو آهي!!
سيارو،اونهارو،سر،بهار ،
فقط نالي جا موسم ٿي رهجي ويا آهن۔۔
ته ڪنهن زماني ۾ هي به مندون هيون
ڪنول سنڌي
رات ڪيڏي ٿڌ هئي۔۔۔
ان لا مون تهنجين يادين جي،
شال اوڌي ڊسمبر جي آجيان ڪئي !!
تو سوا ايئن پيو لڳي جانان،
ڄڻ هن ڊسمبر ۾دل جون رڳون،
وڇوڙي جي برفباري ۾ ڄمي،
بند ٿي ويون هجن۔۔۔
تهنجي سونهن جي سرڪي
مهنجي جيون جو سنيهو آهن۔
وڇوڙو ڄڻ مهنجي ڪائنات کي،
ورهائي ويو آهي!!!
دل جو هر موسم ڄڻ قيدي ٿي ويو آهي!!
سيارو،اونهارو،سر،بهار ،
فقط نالي جا موسم ٿي رهجي ويا آهن۔۔
ته ڪنهن زماني ۾ هي به مندون هيون
ڪنول سنڌي