ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
ديس پنهنجي ۾ ڪهڙو گهليو آهي واءُ
سڄي قوم ۾ آهي ذهني پيڙاءُ
غيرن ۾ آهي خوشي اسان وٽ اُٻاڻ
پنهنجن سان غيرن وارو ٿيو ورتاءُ
سو ڪيئن ٿو سڏائي غيرتمند
جنهن جي رت روئي ويٺي ماءُ تلاءُ
هي ڌارين ڪهڙو کيڏيو آهي کيڏ
ڀاءُ جو ويري ٿي ويو آهي ڀاءُ
هن ڪُرسي خاطر تو ڪوڙ ڪمايو
ناهي زرو ڀر توکي ڪو پڇتاءُ
ايسين ڪفن پهري رهنداسين
جيسين واپس نه وٺندو ٻٽو ٺهراءُ
ڏاڏل اسان سٻاجهڙا ماڻهون آهيون
ٻي ڳالھ نه ٻُڌنداسين ان کان سواءِ