چون ٿا ته هڪ دفعي چين جي هڪ حاڪم هڪ اهڙو پٿر رستي جي وچ تي رکرايو جو ان جي رکڻ سان اچڻ وڃڻ ڏکيو ٿي ويو۔۔۔ جنهن کان پوءِ هن ويجهو ئي هڪ پهريدار کي ويهاري هر ايندڙ ويندڙ جي ردِ عمل کي نوٽ ڪري کيس ٻڌائڻ جو حڪم ڏنو۔۔ سڀ کان پهريان رستي کان هڪ تاجر جو گذرڻ ٿيو ۔۔ جنهن رستي جي وچ تي رکيل پٿر کي ڏسندي ئي ان ماڻهون کي برو ڀلو چوڻ شروع ڪيو جنهن عين رستي جي وچ تي اهو پٿر رکي ڇڏيو هو۔۔۔ هن زور زور سان چيو ته هو هاڻي ئي وڃي ڪنهن اعلى عملدار سان شڪايت ڪندو ۽ جنهن پٿر اتي رکيو آهي ان کي سزا ڏياريندو۔۔ ان کان پوءِ اتان هڪ ٺيڪيدار جو گذرڻ ٿيو۔۔ جنهن جو ردِ عمل به گذريل تاجر جهڙو ئي هيو پر سندس لب و لهجي ۾ ايتري ڪاوڙ نه هئي جيتري تاجر کي هئي۔۔۔ ڇو ته ٻنهي جي رتبي ۾ فرق به ته هو۔۔۔ ٿوري دير ۾ ٽن بيروزگار نوجوان ساٿين جو گذر ٿيو۔۔۔ جيڪي ڪنهن ڪم ڪار جي ڳولا ۾ نڪتل هئا۔۔۔ انهن پٿر رکندڙ کي ڄٽ، جاهل ۽ بيوقوف جا لقب ڏنا ۽ کلندا اڳتي راهي ٿيا۔۔۔۔ اهڙي طرح مختلف ماڻهون ايندا رهيا جن ڪڏهن پٿر رکندڙ کي ته ڪڏهن حڪمرانن کي برو ڀلو ٿي چيو۔۔۔ ان پٿر کي اتي رکئي ٻه ڏينهن گذري ويا۔۔۔ جنهن کان پوءِ اتان هڪ غريب ۽ مسڪين هاري جو گذر ٿيو۔۔۔ شڪايت يا شڪوو ڪرڻ بجاءِ هن جي دل ۾ جيڪا پهرين ڳالهه آئي سا هئي ان تڪليف جو احساس جيڪو ان پٿر جي وچ رستي تي هجڻ سان هر ايندڙ ويندڙ ماڻهوءَ کي ٿي رهيوهو۔۔ هو چاهي پيو ته ڪهڙي به طرح ان پٿر کي اتان هٽائجي ۔۔ ان هاري اتان گذرندڙ ماڻهن کي آواز ڏيندي گڏ ڪيو ۽ کين پٿر جي وچ رستي تي هجڻ سان پيدا ٿيندڙ ڏکيائين کان آگاهه ڪيو۔۔ ۽ آخر ۾ سڀني کي گڏجي ان پٿر کي هٽائڻ ۾ مدد جي درخواست ڪئي۔۔۔ اهڙي طرح سڀني ماڻهن گڏجي زور لڳايا ۽ ان پٿر کي رستي تان پري ڌڪي ڇڏيو۔۔۔ پٿر جي هٽڻ سان پٿر جي هيٺان ننڍي کڏي ۾ رکيل هڪ سون جي صندوقچي نظر آئي ۔۔ جنهن کي جڏهن هاري کوليو ته اندران هڪ ڪاغذ جو ٽڪڙو نڪتو ۔۔۔ جنهن ۾ لکيل هيو۔۔ حاڪمِ وقت طرفان پٿر کي رستي تان هٽائيندڙ ماڻهون جي نالي۔۔ جنهن جي عملي سوچ مسئلن تي شڪايت ڪرڻ جي بجاءِ ان جي حل ڪڍڻ کي بهتر ڄاڻيو۔۔۔
دوستو لاڙڪاڻي شهر ۾ جناح باغ آهي جنهن جي اولهـ واري پاسي کان ريلوي لائن آهي جا حبيب ڪوٽ ڏانهن ويندي آهي 1972 ع ۾ ان ريلوي لائن تي لاڙڪاڻي جومشهور قاضي خاندان جو نوڪر ان هنڌ تي ٽرين جي هيٺان اچي فوت ٿي ويو ۔ پائلٽ هاءِ اسڪول جا شاگرد پڻ ان ريلوي لائن کي پار ڪري اسڪول ايندا ويندا هيا ۔ ان واقعي کانپوءِ شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو صاحب جناح باغ وٽان ننڍڙي پل ٺهرائي هئي ته جيئن اسڪول جا ٻارڙا ڪنهن امڪاني حادثي جو شڪار نه ٿين۔ ٺاهڻ وارن عجلت ۾ يا ڄاڻي واڻي ان پل جي ڊيزائن اهڙي رکي جڏهن برسات هڪ انچ پوندي آهي ته ان پل هيٺيان ٻه فوٽ پاڻي بيهجي ويندو آهي ۽ ان پاڻي جي نيڪال جو ڪو بندوبست ٿيل نه آهي جنهن ڪري اهو پاڻي مهينن جا مهينا بيٺل هوندو آهي جڏهن وڃي اُس جي تيک تي خشڪ ٿئي۔ 1984ع ۾ آگسٽ جي مهيني ۾ زوردار بارش پئي هئي معمول مطابق پل جي هيٺان پاڻي بيهجي ويو۔ هڪ ڏينهن پاڪستان نيشنل سينٽر لائبريري ۾ پڙهي رهيو هوس جو بجلي هلي وئي ، مان ۽ لائبريرن رحم علي لنڊ ٻاهر نڪري ورانڊي ۾ بيٺا هياسين ته مانواري قابل احترام صدهاءِ عزت سائين ڊاڪٽر عبدالهادي سرهيو ( پي ايڇ ڊي عربي) کي پل جي ڀرسان چند گهڙيون بيهندي ڏٺوسين ۽ سائين کي واپس ورندي ڏٺوسين ۽ اسان ٻنهي سُس ڦسُ ڪرڻ شروع ڪئي ته ڏس سائين جهڙو ماڻهو به اڄ اسڪول کان گسُائي ٿو وڃي جي ريل جي پٽڙي مٿان ٽپي وڃي ها ته ڇا ٿيس ها ! 15 منٽ مس گذريا هوندا ته سائين واپس آيو هٿ ۾ پنج سيري گيهـ جو خالي دٻو پڻ هيس ۽ اچڻ سائين پل هيٺان پاڻي کي ڪڍڻ شروع ڪيائين ۔ هت هن ڳالهـ جي ڪرڻ جو مقصد صرف اهو آهي ته اسان قصا ڪهاڻيون ڪيون ٿا پر عملي انسان به موجود آهن صرف اسان جي اک جي مشاهدو ڪري ته ۔
عملي ڪم ڪرڻ ئي اصل ڪم آهي، اسان ته لٻاڙي آهيون جيڪي صرف ٽوڪ ڪرڻ ڄاڻون، پر پوء به دنيا ۾ اڃان ڪي آهين جن جي ڪري اسين اشرف المخلوقات پيا سڏايون۔ رشيد سائين سهڻي شيئرنگ ، پر يار اهو پٿر جيڪو تصوير ۾ ڏنو اٿئي، اهو ڏسي ته مان به ڀڄي ويندس۔
عملي ڪم ڪرڻ ئي اصل ڪم آهي، اسان ته لٻاڙي آهيون جيڪي صرف ٽوڪ ڪرڻ ڄاڻون، پر پوء به دنيا ۾ اڃان ڪي آهين جن جي ڪري اسين اشرف المخلوقات پيا سڏايون۔ رشيد سائين سهڻي شيئرنگ ، پر يار اهو پٿر جيڪو تصوير ۾ ڏنو اٿئي، اهو ڏسي ته مان به ڀڄي ويندس۔