سر مارئي داستان پهريون 1 ’اَلَستُ بِرَبِّڪُم‘، جَڏهِن ڪَنِ پِيومِ؛ ’قَالُوا بَليٰ‘ قَلبَ سِيـن، تَڏَهِن تِتِّ چَيومِ؛ تَنهِين ويرَ ڪَيومِ، وَچَنُ ويڙيچَن سِين.مٿين شعر تي سنگت گهڻو ڪجھ لکي چُڪي آهن۔اسان اهو وعدو ڪيو هو ته ڪنهن وقت ان شعر تي عارفن و سالڪن جي راءِ جوا ظهار ڪنداسين۔سو اڄ اسان ڪپ عارفين وسلاڪين کان احوال ورتوس و اوهان اڳيان پيش آهي۔ عاشقن جي ٻولي به عجيب هوندي آهي جي واقعن ۾ ڳول ته به صحيح جي پنهنجي اندر ۾ ڳول تڏهن به صحيح ۔اميد ته اسان جي اصلاح ڪئي ويندي ۔ آءو هيمشه اوهان دوستن طرفان پنهنجي اصلاح جو متمني رهيو آهيان۔مذڪوره شعر تي ڪجھ لکڻ کان پهريان آءُ سالڪن جو خيال درويشن جي ٻولي بابت لکڻ ڇاهيندس۔ اسان سالڪن کان ٻُڌو آهي ته عارفن ، عاشقن جو جيڪو حال هوندو آهي اهو عام جي احوال جهڙو ناهي هوندو۔هونءِ به جنهن جو جهان ڏٺو ناهي سو اتان جو احوال ڪيئن ونڊين۔جيئنميان محمد بخش جو شعر جا ٻوال آهنخاصان دي گل عاما اڳي نهين مناسب ڪرناانلاءِ ضروري آهي ته اهو احوال عام سان ونڊڻ لاءِ تمثيلن جي ضرورت پوندي آهي ۔ نه ته درويشي ۽ عاشقي فقط واقعن لکڻ جو نالو ناهي۔درويشي سفر الاهي ۾سير جو نالو آهي ۔ پوءِ عاشق تمثيلن جو سهارو وٺنديڪڏهنهير رانجها ، سسي پُنهون ته ڪنهن وقت ڪربلا ته ڪنهن وقت عمر مارئي جو سهارو وٺندي عام اڳيان ان جهان جو احوال پيش ڪن ٿا جڏهن ته ظاهري الفاظ حقيقت ۾ ناهن هوندا۔ هي عاشقن جي سفر ۾ سير ڪيل ملڪ جا احوال آهن جيڪي هر انسان جي اندر موجود اهن پر حُبِ دنيا جي داغ انسان کان دل جي بينائي کسي ورتي آهي پوءِ جن دنيا کي طلاق ڏئي اڳتي جوسفر ڪيو ته هنن اهڙو حال ڏٺو جنهن کي ڪو دنيا دار سمجهي نه ٿي سگهيو ته عاشقن تمثيلن جو سهارو وٺندي ان سفر جي سير جو احوال ائين ڏنو اهي ۔لطيف عارف ، عاشق ولايت جو لال آهي ۔ ان جي ٻولي سمجهڻ ۾ به سڀ کان وڏي رڪاوٽ دل جي نابينائي آهي ۔ مٿيون شعر به ڪجھ اهڙو ئي آهي جيئن سائين بُلي شاه جو هڪ مشهور شعر آهي اسان آدم ڪنون اڳي ها سين آدم ساڊا جايا هي آهي ڪو سفر جو هر انسان عالمِ ارواح ۾ ڪيوآهي قرآن ۾ مذڪوره شعر ۾ آيت آهي ۽ قرآن سچو آهي ان ۾ ڪوشق ناهي پوءِ ڳوليو ۽ ٻُڌو اهو آواز ۔ لطيف سائين ٻڌو ته مارئي جي محبت حُب الوطني جو سهارو وٺندي انسان کي پنهنجي وطن جو اشارو ڏنوهاڻي ان ديس جي محبت جي مثال ڪا ڏئي نه ٿي سگهجي ان لاءِ لطيف سرڪار مارئي جنهن عمر جي بادشاهي کي ٺڪُرائي پنهنجي وطن سان محبت جي مثال پڻ مثالي آهي ان جو احوال ڏيندي اهو احوال ڏنو ته جنهن ديس کان انسان آيو آهي ان جي سفر ۾ سرڪار اهڙي ئي ڪشش جي ڳالھ ڪئي آهي ۔ هاڻي هي ڪشش اهو ئي سمجهي جنهن هي جهان ڏٺو آهي جيئن سائين سلطان باهو صاحب پنهنجي هڪ شعر ۾ لکيو آهي الست بربڪُم جند سڻيا قالوبلاڪوڪيندي هُو حُب وطن دي غالب آئي هڪ پل نه سووڻ ديندي هُو هاڻي جي فطرت جي ميدان ڏسون ته هر انسان ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان الله کي مڃي ٿو دنيا ۾ ڪو به انسان ناهي جيڪو ان جي ذات کان انڪار ڪري ان جو زڪر قرآن م به آهي ته جڏهن هنن جي ٻيڙي ڀنور ۾ گهري ٿي وڃي ته هي خلوصِ دل سان الله کي ياد ڪن ٿا ، مٿين لطيف سرڪار جي شعر جون پهريون ٻه سِٽون ته ذاتي احوال جون آهن هاڻي آخري سٽ ۾ رشتن جو اهوال آهي ته اهي رشتا جيڪي دنيا سان جُڙيل آهن سو سائين جي الاهي عشق ۾ انسان مبتلا ٿيندو ته زمانو دشمن ته ٿيندو ۔هاڻي جي ان شعر ۾ مارئي ان روح جو نالو رکجي ۽ عمر دنيا جو نالو رکجي ته ڪا ڳالھ سمجھ ۾ايندي هاڻي ان سُر ۾ لطيف سائين جا هيٺيان شعر کڻي ڏسو ته اوهان کي اها حقيقت سمٍجھ ۾ ايندي جتي عمر جي ڪشش آهي انمان مُراد دنيا جي ڪشش آهي جتي مارئي جو ملير سان عشق آهي انمان ،ُراد ان روح جو سفر آهي جيڪو قالوبلى جو قول ڪري آيو آهي۔جڏهن انسان ارواحن جي راه جو راهي هوندو آهي ته ان ۾ جسم رُڪاوٽ ناهي ٿيندو پوءِ جسم ڀلي ڪٿي به هجي پر انسان جي پرواز ان عالم ۾ هوندي آهي جنهن عالم ڏي هن جو سفر هوندو آهي ۔بس هن سلطان باهُو جي شعر تي ختم ڪندس۔ عاشق سوئي حقيقي جو قتل معشوق دي مني هُو جي ته ول ويکي راز ماهي دي لگي اسي بَني هُو مک نه موڙي تي در نه ڇُوڙي ڀانوِين سو تلواران کَنِي هُو سچا عشق حُسين علي دا باهو جهڙا سر ديوي پر راز نه ڀني هُو۔ نوٽ باهو سرڪار جي ٿورڙي تشريح عاشق اهو ئي آهي جيڪو محبوب جي حُڪم تي قتل ٿي وڃي ان جي نظر ۾ ته محبوب جي رضا ئي آهي پوءِ اها هڪ حقيقت آهي ته هو تلوارون مڏيون ڪندو آهي جيئن امام حُسين عه قرباني پيش ڪئي جيئن امام عه فرمايو پروردگار ان کي ڇا نه مليو جنهن تو کي راضي ڪيو ۽ ان کي ڇا مليو جنهن تو کي ناراض ڪيو۔ اسان سالڪن کان ائين ئي سمجهيو وسلام
روح پرور لکڻي، پڙهڻ سان هنيا ۾ فرحت پئجي وئي۔ بس سمجهو ڪي سمجهن، جن رب ڌڻي ٻاجهاري جي ذات کي پروڙي ورتو حقيقي عاشق اهو ئي ليکبو، جڏهن ڳالهه ڪيون ٿا دنيا جي ته دنيا ۾ دل لڳائڻ سان الله پاڪ نه ملندو، الله پاڪ کي لهڻ لا دنيا کان بي نياز ٿيڻو پوندو۔ ۽ دنيا کان بي نيازي حاصل ڪرڻي آهي ته الله تعالي جي خلقيل آسماني ڪتاب قرآن پاڪ کي سمجهڻ ۽ ان ڪتاب اندر الله پاڪ جي وحدانيت جي راز کي ڳولهي لهڻ ۽ نبي آخر زمان مٺي محمد مصطفى صلي الله عليه وسلم جي حسين و جميل سحر انگيز محبوب شخصيت جي حب اتان هي پلئه پوندي۔ ۽ جنهن اهو راز پروڙيو ۽ اها حب پنهنجي اندر منجهه اوتي ڇڏي اهو ئي سچو عاشق ليکبو ۽ اهو ئي سر جو سانگو لاهي حسيني رستي تي هلي پنهنجي اصلي ماڳ لا مڪان تي پهچندو۔ ۽ لا مڪان جي حب تڏهن ئي پيدا ٿيندي آهي جيڪو دنيا سان ناتو ڪٽي ڪري ٻاجهاري ڌڻي سان جي جوڙيندو ۽ اها حب ان ڪري پيدا ٿي پوي ٿي ته رب ڌڻي جو ديدار ٿيندو۔ الله اڪبر ! ڪيڏي نه سهڻي عشق جي منزل آهي جو سهڻي پاڪ الله جو ديدار ٿئي ته پو منهنجا سائين جنهن جي اندر منجهه رب ڌڻي جي ديدار ڪرڻ جي اڪير واري چڻنگ باهه جو شعلو بڻجي ساهه جي سٽ سٽ ۾ پيدا ٿي پوي ته اهو دنيا جي پرواهه ڪهڙي ڪندو۔ دنيا ته ڌوڙ آهي، پاڻي جو ڦوٽو آهي۔ حقيقت ته بس منهنجي پالڻهار جي ذات آهي، ٻيوسڀ ڪجهه فاني آهي۔ ۽ عاشق فاني شي سان عشق نه ڪندو آهي، حقيقت سان عشق ڪندو تڏهن ته منزل ماڻيندو۔
اد منظور هي دنيا انسان جي امتًحان گاه آهي جنهن دنيا کي سمجهي ڪري ان جو استعمال ڪيو ته دنيا ان ان جي مقام تي پهچايو پر جنهن دنيا کي نه سمجهيو دنيا ان کي خوار ڪري ڇڏيو۔ پروردگار انسان کي نفعي ۽ نقصان جو علم ڏئي ڪري قانات ۾ موڪليو پوءِ جنهن ان جي نعمتِ فُرقان جو صحيح استعمال ڪيو تنهن مالڪ پاتو جنهن ان جي اهڙي نعمت کي ڇڏيو اهو رُسوا و خوار ٿيندو رهيو۔ اوهان لکڻي پسند ڪئي اوهان جي مهرباني ، اسان اهڙو سلسلو پهريان به شروع ڪيو هو پر سُٺي موٽ نه ملڻ سبب هٿ کڻي ويا سون وسلام