شيرين
سينيئر رڪن
(سنڌ لا سوکڙي)
اجرڪ پٽڪو ٽوپي پائي سنڌ گهمي ڏس ساري،
هر سنڌي توکي مان ڏيندو، مسڪين هجي کڻي هاري،
گهر ڪکاون ڇپرن ۾ ڏس ڪيڏو آ ايمان،
وڃي ڏس تن جي تڏي ،
لاڙ اتر ٿر ڪارونهجر کان، منڇر تي ڏس ميلا،
ڪيئن گهمن پيا ڪينجهر ۾ ڏس قرب وارن جا ٽولا،
ڏسندي توکي خوش پيا ٿيندا، شاهي ڏيندئي شان،
وڃي ڏس تن جي تڏي۔
سنڌ جا سنڌي سهڻا ماڻهو لکن ۾ ڏس پڌرا،
نوڙت نياز نزاڪت ۾ هر قوم کان آهن اڳرا،
جنهن مهل ويندي جنهن جي تڏي، گهوريندا پيا جان،
وڃي ڏس تن جي تڏي ۔
سنڌ سدا آباد هجي، هي ويڙهيچن جي وستي،
لڏندي ليڪين ٻڏندي نه، ماروئڙن جي بستي،
جنهن ۾ قلندر گهوٽ ڀٽائي، جهڙا رهن جوان،
وڃي ڏس تن جي تڏي۔
صادق ويندي جنهن جي اًڱڻ تون، ڀاڪر پائي ملندئي،
حال حقيقت خاصخيلي،سڀ پيار مان ويهي پڇندئي،
هر هر توتان گهور پيا ٿيندا،آيو اڄ مهمان ،
وڃي ڏس تن جي تڏي۔
محمد صادق خاصخيلي۔
منهنجي بابا سائين جي شاعري