سکرشمس العماء مرزا قليچ بيگ اڳي جڏهن بکر وڏو شهر ۽ قلعو هو، تڏهين سکر انهيءَ جي ويجھو هڪڙو ننڍو ڳوٺ هو. سنه 927ھ : 1529ع ڌاري جڏهين مرزا شاه بيگ ارغون سنڌ جو حاڪم هو، تڏهين بکر ۾ ڌاريجن ماڻهن فساد ڪيو هو. انهيءَ جي بند ڪرڻ لاءِ مرزا ٺٽي مان آيو ۽ بکر ڏانهن ويندي سکر ۾ منزل ڪيائين. سلطان محمود خان بکر واري، اڳيئي فساد بند ڪرائي ستاويهن ڌاريجن سردارن کي مارائي ڇڏيو هو. انهن فسادين جو لاشون پورائي انهن جي مٿان هڪڙو ٺلھ ٺهرائي ڇڏيائين، جنهن کي خوني ٺلھ يا منارو سڏيندا آهن. سنه 983ھ : 1575ع ۾ اڪبر بادشاه ڪيسو خان کي موڪليو ته سلطان محمود خان جي جاءِ تي بکر جو حاڪم مقرر ٿئي. جڏهين هو بکر ۾ آيو، تڏهين بادشاه وٽان ٻيو حڪم آيو ته بکر ۽ لوهريي محب علي خان ۽ مجاهد خان کي ڏئي ۽ پاڻ فقط سکر هٿ ۾ رکي. سنه 998ھ : 1589ع ڌاري، جڏهين خان خانان ميان آدم شاه ڪلهوڙي وٽ آيو ۽ هن کي جاگير ڏيئي ويو، تڏهين آدم شاه ٿوري وقت لاءِ پنهنجي مرشد لال عيسن جي ملاقات لاءِ ويو. اتي گهڻا مريد وٽس گڏ ٿيا. تنهنڪري اتي جي زميندارن هن کي شهيد ڪرائي ڇڏيو. سندس وصيت موجب سندس لاش بکر ۾ آني سکر جي هڪڙي ٽڪريءَ تي رکيائون، جا اڃا تائين آدم شاه جي ٽڪري ٿي سڏجي.سنه 1168ھ : 1755ع ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي پنهنجي پاران ديوان گدو مل کي احمد شاه دورانيءَ ڏي موڪليو ۽ اهو سکر ۾ هن کي اچي گڏيو؛ پر بادشاه ميان تي ڪاوڙيل هو ۽ ٽن ڏينهن تائين ديوان کي نه گڏيو. پوءِ بادشاه ڪوچ ڪري نوشهري ويو. اتي ديوان گڏيس ۽ ميان جي فائدي ۾ حڪم ورتائين. سنه 1258ھ : 1842ع ۾ جڏهين سر چارلس نيپئر سنڌ جو ريزيڊنٽ مقرر ٿيو، تڏهين هو سکر ۾ آيو ۽ مير صوبدار ۽ ٻين انهيءَ پاسي جي ميرن اُتي اچي ساڻس ملاقات ڪئي.