”تعليم ۽ ٻھراڙي جي عورت“ تعليم جي اھميت ۽ افاديت ۾ ڪوبه بحث نه آھي. تعليم علم آھي، ڄاڻ آھي، روشني آھي، خود شناسي آھي، حقن بابت واقفيت آھي، فرض سان لاڳاپيل آھي، ۽ سڀ کان وڌيڪ الله جو پڻ حڪم آھي ۽ قرآن جو پھريون لفظ به ”اقرا“ آھي جنھن جي معنيٰ آھي ”پڙھه.“ پاڪستان جھڙي ترقيءَ جي خواھشمند ۽ سڄي دنيا ۾ وڏو مقام تلاش ڪندڙ ملڪ لاءِ ته تعليم جي اھميت اڃا به وڌيڪ وڌي وڃي ٿي. اسان وٽ تعليمي معيار جو انگ 17 سيڪڙي جھڙو ڏکوئيندڙ نه پر شرم ايندڙ ڳالھه آھي. ۽ جيڪي وري پڙھيل آھن انھن جو معيار ڏسڻ کان پوءِ دل چاھي ٿي بقول مرزاغالب: مقدور ھو تو ساتھ رکون نوحه گري کو مين اسان جي ملڪ ۾ پڙھيل ماڻهن جي گھڻائي به شهري علائقن ۾ رھي ٿي. ۽ وري ٻهراڙيءَ جي علائقن ۾ تعليم جي نظام جي اهڙي حالت آھي جو ٻڌائجي ته زبان به جواب ڏئي وڃي. اسڪول موجود آھن ته استاد غير حاضر آھن، شاگرد غائب آھن ۽ ڪورس جي ڪتابن جي اڻاٺ. پر رڪارڊ تي ڏسبو ته استاد سڄو مھينو حاضر، ۽ شاگرد سؤسيڪڙو موجود. ڪورس جي ڪتابن جو موجود ھجڻ، ۽ امتحانن جي باقائده ٿيڻ جو شاندار نتيجو ڏيکاريو ويندو آھي. اسڪولن جون عمارتون اصل مالڪن ڏانھن حسرت ڀرين نظرن سان ڏسندي نظر اينديون. ھتي فقط پڙھائي نه ٿي ٿئي پر اھا اوطاق به آھي، مھمان خانو به آهي، مال کي بيھارڻ جي جاءِ به آهي، جوا جو اڏو ۽ منشيات جي ھيراڪ ماڻهن جي رهائشگاهه به آهي. مان محترمه به نظير ڀٽو صاحبه جي فيصلي جي تائيد ٿي ڪيان، جنهن جي حڪومت، بجيٽ ۾ تعليم جي رڪارڊ لاءِ پئسا رکيا آھن. تعليم کي وڌائڻ لاءِ ته حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. هر سهولت پهچائي رهي آهي. ڪروڙين رپيا تعليم تي خرچ ڪري رهي آهي. ننڍن ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ به اسڪول جون عمارتون تعمير ڪيون ويون آهن. پر پڙهائي جو انگ اتي جو اتي آهي بلڪه انهيءَ جو معيار ڏينهون ڏينهن گھٽجي رهيو آهي. منهنجي مطالعي ۽ مشاهدي مطابق اسان جي قوم تعليم جي شعبي کي ڪابه اھميت نه ڏئي رھي آھي. ۽ جيڪي تعليم حاصل ڪري رھيا آھن، اھي به علم جي اعليٰ مقصدن لاءِ نه بلڪه نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ تعليم پرائي رھيا آھن. تعليم جي ميدان ۾ اسانجو خزانو ڦرجي رھيو آھي. پر افسوس آھي جو اسان جي قوم ھن نقصان کي سمجھڻ کان نابري واريو بيٺي آھي. ھيءَ بي حسي اسان کي ٻوڙي نه ڇڏي. ھن وقت اسان کي پرخلوص ماڻھن جي ضرورت آھي، ڪنھن دردمند غم ونڊڻ واري جو انتظار آھي جيڪو تعليم جي ڏيئي کي نه فقط روشن ڪري. پر ھن پوري ملڪ کي روشن ڪري. حضرت محمدﷺجو قول آھي ته تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ چين وڃڻو پوي ته وڃو. ھن سھڻي قول جي پٺيان جيڪا حڪمت آھي ان کي سمجھڻ لاءِ اسان پنھنجن ذھنن تي تالا لڳائي ڇڏيا آھن. حضورﷺعلم جي سلسلي ۾ مرد ۽ عورت ۾ ڪوئي فرق نه ڄاڻايو آھي. ثابت ٿئي ٿو ته اسان جي ٻنھي جھانن جي سردار جو ارشاد. ٻنھي لاءِ برابر آھي. پاڪستان جي آباديءَ ۾ عورتن جو انگ 52سيڪڙو آھي جنھن جي گھڻائي ٻھراڙيءَ جي علائقن ۾ رھي ٿي. مجموعي طور تي پڙھيلن جو انگ 17 سيڪڙو آھي، پر ٻھراڙيءَ جي عورتن جي ڪري اھو گھٽجي ھڪ سيڪڙي کان به گھٽ ٿي وڃي ٿو. ھيءَ ھڪ گنڀير صورتحال آهي جنهن جو جلدي حل ڳولڻ وقت جي اھم ضرورت آھي. ھيءُ سمجھڻ ته52سيڪڙو آباديءَ کي پڙھائي کان محروم ڪري ڪا قوم ترقيءَ جا مرحلا طئي ڪري سگھي ٿي، ته مان اھو چونديس ته ھيءَ ھڪ بي بنياد خوش فھمي آھي ۽ مشاھدي ۽ سمجھڻ کان قاصر پڻ. ٻھراڙيءَ جي عورت مضبوط ھئڻ سان گڏ گھڻي سمجھه واري به آھي. انھيءَ کي تعليم جا موقعا ميسر ھجن ته ھوءَ وڏا وڏا ڪارناما سرانجام ڏيئي سگھي ٿي. بقول علامه اقبال: ”ذرا نم ھو تو يه مَٽي بھت زرخيز ھي ساقي.“ ٻھراڙيءَ جي عورت ماءُ، ڀيڻ، زال ۽ ننھن ھر حيثيت ۾ ھوءَ سخت جسماني محنت ڪرڻ لاءِ پابند آھي. ھوءَ نه صرف گھر کي سنڀالي ٿي پرمال جي به سار سنڀال لھي ٿي. ان کانسواءِ ھوءَ تيز ڪاڙھي ۽ گھڻي سيءَ ۾ پڻ ٻنين ۾ ڪم ڪندي نظرايندي آھي. اسان جي مرد عورت کي مختلف طريقن سان، رسمن ۽ رواجن ۾ پابند ڪري ڇڏيو آھي. ھو عورت جي جسماني پورھئي مان ته پورو فائدو وٺي ٿو پر ھن جي ذھن تي پيل جاھلاڻي پردي کي ھٽائڻ جو قائل نه آھي. مان پنھنجن بزرگن ۽ ڀائرن کي گذارش ڪيان ٿي ته ھو پنھنجون سوچون بدلائين. عورتن کي جانورن واري حيثيت نه ڏين ۽ انھن کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ نه فقط سھولتون مھيا ڪن. پر انھن جي حوصلا افزائي پڻ ڪن. ٻار جو پھريون تربيت گاھه ماءُ جي ھنج ھوندي آھي. ٻار جي شروعاتي سار سنڀال به ماءُ جي سايي ھيٺ ٿيندي آھي. ڇا اھو سٺو نه ٿيندو ته جنھن ھنج ۾ ٻار وڌي ويجھي اھا جھالت جي اونداھيءَ بجاءِ تعليم جي روشنيءَ سان منور ھجي. ھيءَ ڪا اڳئين دور جي ڳالھه نه آھي جڏھن ڪوريا سالن کان خانه جنگي ۽ ٻاھرئين مداخلت جي ڪري نيست ونابود ٿي چڪو ھو. پر اڄ ھن ملڪ اھڙي ترقي ڪئي آھي، جيڪا حيرت ۾ وجھندڙ آھي. تائيوان، سينگاپور ۽ مليشيا جي خوشحالي جي سببن تي نطر وجھون. ٻيو ته ٺھيو انڊيونيشيا جيڪو اسان کان ھڪ سال پھرئين آزاد ٿيو ۽ جيڪو پسماندگيءَ جو چٽو مثال ھو، اھو اڄ مسافر بردار جهاز ٺاھي ڪاميابيءَ سان اڏائي رھيو آھي. ھي جادو علم سيکاريو آھي. جنھن ۾ مرد ۽ عورت ۾ ڪائي ورڇ نه ڪئي وئي آھي. اتي عورتون. مردن سان گڏ نه پر انھن کان وڌيڪ ترقي ۽ خوشحالي ۾ ھٿ ونڊائي رھيون آھن. ان جو راز اھو آھي ته اتي مردن روشن خياليءَ جو ثبوت ڏنوآھي. ايڪويھين صدي ھاڻي اڳيان نظر اچي رھي آھي. ترقي يافته قومن کي پھچڻ ۾ صرف پنج سال کپن، پر اسان کي، خاص طرح ٻھراڙيءَ جي عورت کي، اڃا پنج صديون طئي ڪرڻيون آھن. ھن وڏي خال کي ڀرڻ لاءِ پاڪستاني قوم کي ھنگامي بنيادن تي منصوبه بنديون ڪرڻيون پونديون. وقت جي گھٽ ھئڻ سبب پنھنجو مقالو وڌيڪ وڌائي نٿي سگھان، پر تعليم جي پيشي سان پنھنجي وابستگي ۽ پنھنجي گھڻي کان گھڻي دلچسپي جي مدِ نظر ڪجھ تجويزون پيش ڪرڻ چاهيان ٿي. منهنجون تجويزون ھي آھن: جلد کان جلد اعليٰ اختيارتي قومي تعليمي ڪميشن تشڪيل ڏياري وڃي. جيڪا تعليمي معيار جي گھٽجڻ جا سبب معلوم ڪرڻ سان گڏوگڏ گھڻي عرصي تائين منصوبه بندي ڪري ۽ قوم جي لاءِ انگ اکر ۽ منزل مقررڪري. تڪڙا قدم کڻي ٿوري عرصي ۾ منصوبا بندي ڪرڻ لاءِ، حڪومت تعليم جي ماھرن، عالمن ۽ دانشورن سان رابطو ڪري ته جيئن تعليم جي ڪريل معيار کي روڪي سگھجي. قومي اوليت جي بچاءَ کان پوءِ تعليم کي رکيو وڃي. ھرماڻھوءَ جي لاءِ پرائمري تعليم نه فقط لازمي قرار ڏني وڃي پر ان تي عمل پڻ ڪيو وڃي. عورتن ۾ تعليم کي وڌائڻ لاءِ ميڊيا ذريعي ڀرپور مھم ھلائي وڃي. عورتن کي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ٿيندڙ مشڪلاتن کي دور ڪرڻ لاءِ ھڪ سروي ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ پڙھيل عورتن جون ٽيمون مقرر ڪيون وڃن، جيڪي ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي عورتن سان رابطو قائم ڪن. اڄ جي سيمينار وانگر ٻھراڙيءَ جي علائقن ۾ پڻ سيمينار ڪرايا وڃن ۽ ھيءَ ڪوشش ڪئي وڃي ته عورتون ان ۾ حصو وٺن. عورتن جي حوصله افزائي خاطر گورنر صاحب يا وزير ان سيمينار ۾ شرڪت ڪن ته جيئن سيمينار جي اھميت ۾ واڌارو اچي. ھر پاڪستاني ھي عھد ڪري ته ھو ذاتي طور تي تعليم جي واڌاري ۾ پنھنجو ڪردارادا ڪندو. استادن کي گذارش ڪجي ته ھو پنھنجن فرضن کي حب الوطني، ايمانداري ۽ جذبي سان نڀائن ۽ اسڪولن ۾ فقط پگھار وٺڻ لاءِ مقرر ڏينھن تي نه پھچن. تعيلم جي محڪمي کي ناپسنديده ماڻھن کان پري رکيو وڃي، رشوت خوري ۽ پنھنجن کي نوازڻ ۽ سياسي بنيادن تي نوڪرين تي پابندي لڳائي وڃي. اميد ڪيان ٿي ته منھنجن ھنن تجويزن تي غور ڪيو ويندو. اسان جي قوم تمام سٺين روايتن تي ٻڌل آھي. اھا ڏاڍي ذھين ۽ محنتي آھي. پر اڄ ڪلھه گھوڙا وڪڻي سمھي پئي آھي. اھا قوم جيڪڏھن جاڳي پوي ته وڏا ڪارناما انجام ڏئي سگھي ٿي. جيڪڏھن اھو نه ٿيو ته خدا نه ڪري فقيرن جو ڪشتو اسان جي ڳچيءَ ۾ ھميشه جو زيور نه ٿي پوي. مس فھميده مشوريءَ
تمام بهترين پر اهو سڀ ڪجه سنڌ ۾ تمام گهڻو آهي ان جو سبب ڪاپي ڪلچر ناقص امتحاني سسٽم ۽ نوڪرين ۾ ميرٽ جو نه هجڻ آهي