سانوڻ خاصخيلي
سينيئر رڪن
(منھنجو تخيل)
درِد دل دادلو ٿيندو وڃي
عمر جي آشنا پيندو وڃي
درِد دل دادلو ٿيندو وڃي
سند سند ساماڻي سور سان
پل پل پنھنجن جي پور سان
پُور ڪو سُور ڏيندو وڃي
درِد دل دادلو ٿيندو وڃي
ھن جي ڀڃڻ ڀيرو ڇڏيو
مون لاءِ کڻڻ پيرو ڇڏيو
دک سا دِيد ڏيندو وڃي
درِد دل دادلو ٿيندو وڃي
روح سانوڻ ھاڻ ريجھي نٿو
ھن ري ڪنھنجو ٿيجي نٿو
در در ڪو تـ جئيندو وڃي
درِد دل دادلو ٿيندو وڃي