زندگي

راشد ميمڻ

سينيئر رڪن
اڙي او زندگي توسان شڪايت
ڪابه ڪانهي ڪا
مقدر ئي هُيو اهڙو
اسين دَر دَر رُلياسين پر
اسان کي ذلتون مليون
اسان کي عشق جي بدلي
سدائين تُهمتون مليون
سڄي ساري خدائي ۾ اسان ئي بي ثمر آهيون
اسان جي ڀاڳ جي ديوي
ازل کان ننڊ ۾ آهي
ڀلا ڇا ڏوهه ڏيون توتي
اڙي او زندگي توسان شڪايت
ڪابه ڪانهي ڪا۔۔
 
اسان جي ڀاڳ جي ديوي
ازل کان ننڊ ۾ آهي
ڀلا ڇا ڏوهه ڏيون توتي
اڙي او زندگي توسان شڪايت
ڪابه ڪانهي ڪا۔۔
واهه ۔۔۔۔ سائين خيال وڻيا۔ دعاگو آهيون ته اها ڀاڳن جي ديوي ڪا سجاڳ ٿئي ۽ اوهان سان گڏ اسان سڀني تي مهربان ٿئي
 
اسان جي ڀاڳ جي ديوي
ازل کان ننڊ ۾ آهي
ڀلا ڇا ڏوهه ڏيون توتي
اڙي او زندگي توسان شڪايت
ڪابه ڪانهي ڪا۔۔
واهه ۔۔۔۔ سائين خيال وڻيا۔ دعاگو آهيون ته اها ڀاڳن جي ديوي ڪا سجاڳ ٿئي ۽ اوهان سان گڏ اسان سڀني تي مهربان ٿئي
اوهان جي مهرباني سائين جڏهن دعائن لا هٿ کڻو ته وسارجو نه۔۔
 
Back
Top