• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ادب مان چونڊ...چوسٽا

سنڌي ادب مان چونڊ...چوسٽا
اُستاد بخاري،،،،،،
زندگي اِهڙي آهي پوءِ ڇا ڪجي
ها ويھُ جهڙي آهي پوءِ ڇا ڪجي
منهن نه رَهڙيو آ جو مکجي ملم
دوست دل رهڙي آهي پوءِڇاڪجي

غفار تبسم،،،،،،
زندگي جا مرحلا ڪيڏا وڏا پرمختصر
سوچ وارا سلسلا ڪيڏاوڏاپرمختصر
خواهشون هڪڙيون کٽن ٻيون ڪر کڻن
همتون ۽ حوصلاڪيڏاوڏا پر مختصر

مشتاق بخاري،،،،،
زندگي مون سان ڪٺي ٿي هلي
ڪا خوشي مون سان ڪٺي ٿي هلي
ڪونه اونڌھ راه روڪي سگهي
روشني مون سان ڪٺي ٿي هلي
 
زندگي جا مرحلا ڪيڏا وڏا پرمختصر
سوچ وارا سلسلا ڪيڏاوڏاپرمختصر
خواهشون هڪڙيون کٽن ٻيون ڪر کڻن
همتون ۽ حوصلاڪيڏاوڏا پر مختصر

بهترين چونڊ، خوبصورت شيئرنگ
 
اُستاد بخاري،،،،،،
زندگي اِهڙي آهي پوءِ ڇا ڪجي
ها ويھُ جهڙي آهي پوءِ ڇا ڪجي
منهن نه رَهڙيو آ جو مکجي ملم
دوست دل رهڙي آهي پوءِڇاڪجي

بهترين سٽون ۔۔دوست دل رهڙي آهي پو ڇا ڪجي۔۔؟؟
 
ادا شاهين لطيف سنڌي اسلام عليڪم۔ سنڌ جي بهترين ڏاهن جا بيت چونڍ ڪري هن اڳڻ جي آڪاش جي زينت بنائي اسان کي ان مان مستفيد ٿيڻ جو موقعو ڏيڻ تي اوهان جا لک لائق، هر هڪ بيت پنهجي اندر تمام گهڻي رمز رکي پيوء سمجهو ماڻهون لاء۔شل انهن بيتن ۾ سمايل پيغام اسان جي سمجه ۾ اچي وڃي۔،
تون پڇين ٿو ڪير آهيان مان؟
سنڌ ڌرتي جي مٽي جو هڪ ڍير آهيان مان
ڪنهن روح ڪئي روپ ۾ اهڙي ريشم رفوگري،
نه ته شام ويل مڪلي جو منظر هجان ها مان۔
(استاد بخاري)
 
ڪجھ ته پنھنجي پيار جي ورکا ڪيو،
ڇو اسان کي ٿا ائين رسوا ڪيو،
ڌر تتيء ۾ ٿواضافو ٿي پوي،
ڪجھ ٿڌا پنھنجا پرين لھجا ڪيو
 
Back
Top