انسان پنهنجي مرضي کان بغير هن دنيا ۾ اچي ٿو ۽ پنهنجي مرضي کان بغير هتان هليو وڃي ٿو،ننڍڙي هوندي فرشتو،جواني ۾ شيطان، ۽پوڙهائپ ۾ بيوقوف سمجهيو ويندو آهي،غريب آهي ته فضول آهي، امير آهي ته مغرور آهي،خيرات ڪري ٿو ته شهرت جو بکيو، نه ڪري ته ڪنجوس آهي،مذهب پرست آهي ته مڪار آهي، مذهب کان پري آهي ته گنهگار آهي،دنيا ۾ ايندو آهي ته هر ڪو ان کي چمڻ چاهيندو آهي، دنيا کان وڃڻ کان پو هر ڪو ان مان جان ڇڏائڻ چاهيندو آهي، پيدائش جي وقت پاڻ روئيندو آهي، ۽ مرڻ وقت ٻين کي روئاڙي ويندو آهي۔آخر انسان جي حقيقت آهي ڇا؟؟؟؟؟؟؟
انسان جڏهن هن دنيا ۾ ايندو آهي ته جيئن جيتري هن جي زندگي هوندي آهي،اوترو وقت هن کي دنيا ۾ جيئڻو پوندو،تنهنڪري هن جو خوشي سان استقبال ڪري هن جي همت افزائي ڪئي ويندي آهي،مائٽن کي وري هن مان اميدون به هونديون آهن ته پوڙهائپ،بيماري وغيره ۾ هي اسان جو سهارو بڻبو۔پيدائش وقت روئڻ صحتمند هجڻ جي نشاني آهي ۽ اها ئي واحد هن جي ٻولي آهي،ان سلسلي ۾ توهان منهنجو بلاگ ٻارن جي عالمي زبان پڙهي سًگهو ٿيون۔مرڻ وقت ٻيا مائٽ عزيز هن جي تڪليف،دردن،ضعف وغيره کي به ڏسي روئيندا آهن،۽ جي موت وقت پهنجي ٻارن جو واًحد ڪفيل آهي ته پو اهي پنهجو سهارو کسٍجڻ تي روئيندا آهن۔باقي رهي اها ڳاله ته هن جي عمل تي ماڻهو مختلف منفي تبصرا ڪن ٿا ته اهو ته انسان جي اخلاص جو امتحان آهي۔باقي جيترا وات اوتريون ڳالهيون ،ان ڳاله جو ته اثر ئي نه وٺڻ کپي،سچ ۽ حق جي واٽ تي بنا ڪنهن خوف و خطر هلڻ ۾ ئي ڪاميابي آهي۔