شيرين
سينيئر رڪن
انسان پنهنجي مرضي کان بغير هن دنيا ۾ اچي ٿو ۽ پنهنجي مرضي کان بغير هتان هليو وڃي ٿو،
ننڍڙي هوندي فرشتو،
جواني ۾ شيطان، ۽
پوڙهائپ ۾ بيوقوف سمجهيو ويندو آهي،
غريب آهي ته فضول آهي، امير آهي ته مغرور آهي،
خيرات ڪري ٿو ته شهرت جو بکيو، نه ڪري ته ڪنجوس آهي،
مذهب پرست آهي ته مڪار آهي، مذهب کان پري آهي ته گنهگار آهي،
دنيا ۾ ايندو آهي ته هر ڪو ان کي چمڻ چاهيندو آهي، دنيا کان وڃڻ کان پو هر ڪو ان مان جان ڇڏائڻ چاهيندو آهي، پيدائش جي وقت پاڻ روئيندو آهي، ۽ مرڻ وقت ٻين کي روئاڙي ويندو آهي۔
آخر انسان جي حقيقت آهي ڇا؟؟؟؟؟؟؟