واهه ۔۔۔ تمام سهڻيون سٽون ۽ خوبصورت ڊزائن هاء ڙي ڊسمبر ڊسمبر جا وڻندڙ پل ڪي اداس پل ڪي عاشقانه پل بس ڊسمبر وري به آيو آهي، هميشه وانگر ۔۔۔ ڪي يادون ڇڏڻ
ها اها هڪ حقيقت آهي ، سياري جيون ڊگهيون راتيون جي وڇوڙي جون آهن ته ان جهڙو ٻيو عذاب ڪونهي نه رات کُٽي نه درد کٽي ۽ درد هميشه درد ئي هوندو آهي درد کي ابتو لکو يا سبتو درد ئي رهندو آ، ساڄي پاسي يا کاٻي پاسي منهن ڪري سمهو سياري جي رات ۾ ڪيفيت اهائي هوندي آهي ۔
واهه ۔۔۔ تمام سهڻا احساس مونکي حسن مجتبى جون سٽون ياد اچي ويو ڊسمبر تون وري آئين وري ھيءَ برفباري آ وري ڪا يارو ياري آ وري ڪا عشق بازي آ وري ڪا شعر و شاعري آ وري ڪي گھوٽ گھائل ٿيا وري ڪي سونھن سائل ٿيا وري ڪا ياد تنھنجي جي وري موسم وري ڪا پيار تنھنجي جي چري موسم وري ڪا ولھه جي موسم وري ڪا باھ جي موسم وري ڪا چاھ جي موسم وري ڪا مڌ جي موسم وري ڪا سڌ جي موسم وري ڪا منڌ جي موسم