هي زندگي مذاق آ

هي زندگي مذاق آ مذاق ۾ گذاريون

مسرتن ۾ مست ٿي ، خوشين جا ڏينهن گهاريون

نچون ٽپون کلي ملي ،خوشئ جا گيت ڳائيون

غمن کي هلڪڙو ڪريون ، ڏکن کي ڇا پچاريون

شڪيل اسان کي پنهنجي دوستو ، حماقتن ناز آ

حيات چيز آه ڇا ، هو کڻي وساريون

سنجيدگئ سان زندگي ، تي غور وفڪر ڇو ڪريون

ٺٺولي آه زندگي ، کلي کلي گذاريون
 
Back
Top