• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ديد ۾ دلبر مون تو کي دل ڏني ؟

مشتاق احمد مگسي

سينيئر رڪن
ديد ۾ دلبر مون تو کي دل ڏني
چيز تنهنجي تو کي مون ڪامل ڏني
سو دليون قربان ڪجن دلدار تان
ڇا ٿيو جي مون کڻي هڪ دل ڏني
دل اڪيلي ڪيئنءَ ڏيان ها دوست کي
سوکڙي سر جي به مون شامل ڏني
درد جي ڪهڙ ي خبر بي درد کي
پُڇُ انهئ کان جنهن ڪنهين کي دل ڏني
آفرين شاباس پهرين وار سان
چشم قاتل کي دل بسمل ڏني
ديد جي دلي مشتاق يار کي
سادگي منهنجي ڏسو مون دل ڏني
 
درد جي ڪهڙ ي خبر بي درد کي​

پڇ انهئ کان جنهن ڪنهين کي دل ڏني​

مُشتاق احمد مگسي صاحب جي تّخيل ۾ سون ورنيون سٽون۔ بھترين خيال۔ ادب جي سفر کي سلامت رکو۔
 
سو دليون قربان ڪجن دلدار تان
ڇا ٿيو جي مون کڻي هڪ دل ڏني
تمام سهڻو غزل، اوهان جا خيال وڻيا، لفظن جي جوڙ به ڪمال جي لڳي۔​
دوست هڪ عرض ڪندو هلندس ته فورم تي شيئر ڪرڻ وقت فونٽ ڪوشش ڪري 6 کان مٿي نه رکو، ڇو ته ان سان پريزنٽيشن بهتر ڪانه ٿي لڳي، مون مٿي فونٽ ۽ اسپيس جي ترميم ڪئي آهي، جيڪڏهن بهتر لڳي ته ان قسم سان شيئر ڪندا رهو، جيئن خوبصورتي قائم رهي۔ باقي اوهان جي شاعري ۽ لفظن جي خوبصورتيء جا ته اسين قائل ٿي ويا آهيون۔​
 
Back
Top