سڀني ساٿين کي سلام عرض آهي، ساٿيومنهنجي ذهن ۾ اڄ ڪجه سوچون ۽ سوال گڏ ٿي ويا آهن آء بهتر سمجهي رهيو هوس ته پنهجن سڄڻن سان سليان مَنَ دل کي ڪو تسلي بخش جواب ملي پوي، اصل عنوان کي ڏسي توهان سمجهي ويا هوندا ته آء ڇاٿو چوڻ چاهيان ڇو جو هن ٽهي کي جواني کان پوڙهي ٿيڻ تائين جيڪو اهم موضوع ڏسڻ ۾يا ٻڌڻ ۾ آيو آهي يا جيڪا سرگرمي سنڌ جي سرزمين تي هوش سنڀالڻ کان اڄ تائين نظر آئي آهي سا آهي خاص تحفه ڪالا باغ ڊيم، ڪالا باغ ڊيم نا منظورجا نعره جڏهن پٽي ۽ سليٽ کڻي اسڪول ويندا هئاسين تڏهن کان هڻندا ٿا اچون۽ هاڻي اسان جو اولاد جوان ٿي چڪو آهي پر اڄ به اهو ئي ڪالا باغ ڊيم نامنظور جا نعره گونججي رهيا آهن، سنڌوء سان ٿيندڙ ناحق ۽ سنڌو ڪناري آباد لکين ڌرتي ڌڻي سان اقتداري ڌر جيڪي ويڌن ڪيا آهن اهي ڪنهن کان به ڳجها ڪونهن رهيا وري به ٿورو زڪر ڪندو ٿو هلان ته؛ هٿ وٺي هڪ منظم منصوبي تحت سنڌ جا ڀاڱا ڪرڻ لاء پيپلز پارٽي کي وجود ۾ آندو ويو ۽ مختلف مرحلن ۾انهن کي سنڌ جي تباهي جو پروگرام ڏنو ويو ۽ بهترين ڪارڪردگي تي انهن کي وڏا وڏا لقب پڻ ڏنا ويا ۽ جڏهن انهن آقائن جو ڪم پورو ٿيندو رهيو ته ڪم پوري ٿيڻ کانپوء انهن وڏن وڏن ڪردارن کي بيخوندو ڪري ماريو ويوبدلي ۾ سنڌ ڌرتي جي اصل وارثن کي بک بدحالي ۽ بيروزگاري جي باه ۾ اڇلايو ويو ۽ انهن جي جاء تي ڌارين کي سنڌ جو پورو نظام تحفي طور عطا ڪيو ويو جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ قوت رکندڙ پاڪستاني فوج کي سنڌ جي ماڻهن تي مسلط ڪرڻ لاء سنڌ جي چئني ڪنڊن تي فوجي ڇانوڻيون ٺاهڻ جي اجازت ڏني ويئي،سنڌ جي اندر انهن جي ناڪاره ۽ رٽارڊ آفيسرن کي تحفه ۾ زمينون ڏئي۽ هميشه جو پنهجو ايجنٽ ۽ سنڌ جو دشمن پيدا ڪري آباد ڪيو ويو، سنڌ جي سرحدي پٽيء تي پڻ انهن کي قبضو ڏنو ويو،۽ انهن فوج جي اعلي عملدارن هميشه سنڌ کي پنهجي جاگير سمجهي آزاديء سان ۽ آسانيء سان سنڌ جي ڀيل ڪندا رهيا ،پر انهن تي به انهن جو ڀڀ ڪو نه ڀريو ته انهن سنڌ کي پنهجي پاليل ڌاڙيلن جي پناه ۾ ڏئي لاقانونيت جو بول بالا رکي سنڌي ماڻهن کي هر وقت هيسايل رکيو،ايتري قدر جو سنڌ کي دنيا ۾ ڌاڙيلن جي راج طور مشهور ڪري سنڌ جي هر طبقي جي ماڻهوء جي تذليل ڪئي ويئي ايتريقدر جوسنڌ جو شهپريل جوان انهن کي ڌاڙيل نظر اچڻ لڳو،جڏهن ته هٿ سان جيل ڀڃرائي پنهجا تربيت يافته گنڊا انهن ڪمن تي لاٿا ويا پوليس کي بيوس بنائي پنهجي نگراني ۾ سنڌي ماڻهن کي انهن کان ڦرايو ويو، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ ن کي ڪامريد ۽ پاڪستان جو دشمن ڄاڻائي ادارن کان پري رکيو ويو ۽ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ پنهجون ڪئمپون مقرر ڪري ڇڏيون۽ معصوم هاري ناري جن جي جوان اولاد کي انهن جو پيء هجڻ جي صورت ۾ چٿيو ويو ته توهان جو اولاد پاڪستان جو دشمن آهي انهن جي سلامتي لاء خطرو آهي ان لاء هنن سنڌ جو گهر گهر ڳوٺ ڳوٺ وسطي واهڻ پنهجي ظلم جي عتاب ۾ رکيوته جيئن عام ماڻهو پنهجي اولاد کي تعليم لاء يونورسٽين ۾ نه موڪلي مطلب ته هر ممڪن ڪوشش ڪئي ۽ سنڌ جي ماڻهوء کي سک جو ساه کڻڻ ڪو نه ڏنو، انهن حالتن کي ڏسي جڏهن به ڪنهن حقپرست حق جي ڳاله ڪئي ته انهن کي مختلف بهانن سان جيل ياتريون ڪرائي جيلن ۾ ئي تذليل ڪري يا ان ڳاله تان هٿ کڻايو ويو يا انهن کي مارايو ويو،ان هوندي به حق جو نعرو بلند ٿيندو رهيو جنهن آواز کي بند ڪرڻ لاء هنن وري ڪوڙن سياسدانن ۽ ملن کي اسان جي مٿان مسلط ڪري بقايا پنهجا ڪم پورا ڪندا رهيا ،۽ سنڌ جي اصل سياسي طاقت کي هيٺ ڪندي هميشه پنهجي انهي فوٍج جي نگراني ۾ اليڪشنون ڪرائي پنهجي ئي ڀاڙيتو ڀوتارن کي سنڌي قوم جون واڳون ڏيندا رهياانهن جي انهيءظلم تي نظر رکندڙ قوم پرست هر دور ۾ انهن جي اکين ۾ ڪنڊن وانگر چبهندا رهيا جڏهن ته اسان جو سنڌي مارُو پنهجي ٻچن جي پيار ۽ شفقت ۾ انهن جي چالن کي سمجهي نه سگهيو ۽ پنهجي امن پسندانه ذهن سان زندگي جو گاڏو ڌڪيندا رهيا ۽ پنهجي ٻني ٻاري تي صبر شڪر سان گزارو ڪندا رهيا،۽ انهن جي چالن جو شڪار ٿيندا رهيا، انهن فوجن سرڪاري وردي ۾ ۽ سول وردي ۾ سنڌ جي هر آفيسر تي پنهجي گرفت مضبوط رکي ۽ انهن کي پنهجي ذاتي حڪم جو غلام بنايو، ۽ انهن تي قانون کان مٿانهان حڪم جاري ڪندي پنهجي ذاتي غلام جي صورت ۾ پيش ايندا رهيا،پر انهن جي شيطاني ذهن ان تي به بس ڪو نه ڪئي هن قوم ۽ ڌرتي جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ شروع ڪيو ايتريقدر جو هر معدنيات تي قبضي کان پوء انهن کي سنڌو جو پاڻي به اک ۾ کتل رهيو۽ اتي به هنن پنهجو وسان ڪو نه گهٽايو۽ جيترو ٿي سگهيو اوترو هنن پاڻي تي ڌاڙو هنيو ۽ مٿي بند ڏئي ڊيم ٺاهيندا رهيا،واه کوٽيندا رهيا سنڌ ۾ فقط ڪالا باغ ديم جو شو شوڇڏي هن مهل تائين هر طرح سان سنڌوء تي راتاها هڻي فقط سياسي لٻاڙ لاء ۽ سنڌي ماڻهن کي الجهائڻ لاء ڪالاباغ جو جِنُ هٿ ۾ رکيو آهي،هن وقت وري پيپلن کي اليڪشن ۾ سرسي ڏيارڻ لاء ڊرامو ڪيو ويو آهي ،هڪڙا چوندا ٺاهيو هڪڙا چوندا سر ڌڙ جي بازي لڳائينداسين پر ٺاهڻ ڪو نه ڏينداسين،۽ اهي ساڳيا ايجنٽ سنڌي ماڻهن جي همدردي وٺي وري پنهجي پگهار چالو ڪرائيندا، اڄ تائين ڪالاباغ ڪو نه ٺهيو آهي پر ان جي بدلي ڪنهن اهيو ڏٺو آهي ته سامراٍج پنجاب ڇا ڪيوآهي،جيڪي هنن وڏا واه ڪڍيا آهن ڇا اهو پاڻي ناهي جيڪو روڪي کڻي ويا آهن،بلڪه مشرف جي دور ۾ هنن کي ترقي وٺرائي ويئي هر ڪينال تي هڪ ڊيم ٺاهيو ويو آهي انهن جا ڪينال سيمينٽ سان پڪا ڪيا ويا آهن ،انهن جي ڪينالن ۾ 40،40 ۽60،60 هزار ڪيوسيڪ پاڻي کڻڻ جي صلاحيت موجود آهي پر ان کان علاوه مشرف جي دور ۾ هر ڪينال تي ننڍو ڊيم تيار ڪيو ويو،۽ هن ن جي دور ۾ پايئه تڪميل تي پهتا،ان تي ڪنهن واويلا ڪو نه ڪئي ،اڄ 5 سال پورا ڪرڻ کان پوء ڪالاباغ عدالت ۾ ويو آهي جن حڪمرانن کي سنڌ سان ٿيندڙ هيڏين نا انصافين جو پتو نه ٿو پوي اهي انڌا بيان ٿا ڏين ته ڪنهن به صورت ۾ ڪالا باغ ڪو نه ٺهڻ ڏينداسين،سنڌ جي وزيراعلي ،پاڪستان جو وزيراعظم چون ٿا تڪراري ڊيم آهي ،ڪونه ٺهڻ ڏينداسين اهيا مخلصي ڪنهن سان آهي؟ سوال آهي ته ڇا واقعي سنڌ جو عوام ايترو بيوقوف آهي ؟ ڇا اڃا انهن وٽ ڪو اهڙو جادو آهي جنهن کي هلائي سنڌي قوم جون اکيون وري مُنڊيون وينديون؟ هڪ اهم ڳالهه ڪالا باغ ڊيم جي نه ٺهڻ جي ٽيڪنيڪل وجهه به آهي ، اها هيء ته ڪالا باغ ڊيم واري زمين يا پهاڙ لوڻياٺ وارا آهن يعني اڪثر زمين لوڻياٺ واري آهي جتي اگر مسلسل پاڻي بيهندو ته اها هر طرح جي ٺهيل ڪنسٽرڪشن کي کائڻ شروغ ڪندو ۽ جيڪا جبلن جي سائيڊ آهي اهي به لوڻ جا پهاڙ آهن جيڪي پڻ ڳرڻ شروع ڪندا ۽ نتيجن ڊيم ٽٽندو جيڪا پنجاب وارن کي به خبر آهي، پر هن وقت جيئن ته سنڌ جا ڪجه دلال انهن کي هٿ اچي ويا آهن ۽ هنن جو سڀ ڪم سولو لڳو پيو آهي ان ڪري اگر هنن ٺاهيو به ته ان جو سبب فقط هڪ آهي ، جيئن ته پنجاب وارن سنڌ جي پاڻي کي محدود بنائي ڇڏيو آهي ،جيڪو هائي وافر مقدار ۾ ناهي ان ڪري هنن کي خطرو آهي ته اگر سنڌ الڳ ٿي ته انهن کي پاڻي جي ضرورت ته پوندي ان ڪري ڪنهن به ڳاله کي مڃائڻ خاطر هو پاڻي پنهجي هٿ ۾ رکڻ ٿا چاهن،۽ هيڙا حڪمران هنن جو هر ناممڪن ڪم به ممڪن بنائڻ ۾ رڌل آهن جيڪي پاڻ کي تمام عقلمند ٿا سمجهن ته هنن 5 سال حڪومت هلائي ۽ وڏو رڪارڊ قائم ڪيو آهي سو بيوقوفن کي سڱ ڪو نه هوندا آهن ، اگر هن پارٽي ٺاهڻ وارن تي غور ڪجي ته انهن گهڻا سال حڪومت ڪئي جن دنيا جي اڳيان پاڻ مڃرايو،اهي ڇو ناڪام ويا جو هي هنبوشون ٿا هڻن ته اسان ڪامياب ويا آهيون ،هنن جي لکيل تاريخ ۾ هنن جو مقام هڪ انتهائي گهٽيا حڪمران طرح لکيو ويندو ۽ اهي ئي لکندا جيڪي هنن جي وهوا ۾ لڳا پيا آهن ،،اقتدار جا بکيا اڃان الائي ڇا ڇا ڪندا ،؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟ هي قوم اڃان الائي ڇا ڇا ڪندي؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
محترم سائين اوهان جي خيالن ۽ اوهان جي احساسن کي سمجهي سگهون ٿا۔ اسان به ان ئي مٺڙي سنڌ ۾ رهون پيا۔ سائين عتيق صاحب سنڌ جي سياست اڄڪلهه ڪرسي جي چوڌاري پئي گهمي، ڪنهن ڪنهن جي ڳالهه ڪيان، هتي هڪڙا ايم ڪيو ايم جي وڪالت پيا ڪن ته ٻيا وري نواز ليگ جي۔ اسان جون قومپرست پارٽيون اتحاد ٺاهي نواز شريف کي گڏ کڻي پيون هلن ۔۔۔ ان جو مقصد گهٽ ۾ گهٽ مونکي نظر ڪونه ٿو اچي، سواء پ پ پ دشمني جي۔ ڇو ته نواز شريف يا پنجاب اسٽيبلشمينٽ ڪڏهن به سنڌ جي سڄڻ ناهي ۽ افسوس جو ان اسٽيبلشمينٽ خلاف اسان جون قومپرست پارٽيون ڪجهه ڳالهائڻ لاء تيار ناهن۔ ان ڏينهن ڪنهن اردو چينل کي ڏسي رهيو هوس جتي ايس يو پي جي اڳواڻ شاهه محمد شاهه کان ڪالاباغ ڊيم بابت پڇيو ويو، هن بجاء پنهنجي موقف ڏيڻ جي نواز ليک جو موقف ڏيڻ شروع ڪيو ۽ وڪالت شروع ڪئي ته اهي ته ڪالاباغ ڊيم جا حامي ناهن ۽ ٻئي ڏينهن شهباز شريف ڪالاباغ ڊيم جي حق ۾ بيان ڏئي اسان جي قومپرست اتحاد کي ڪٿان جو نه ڇڏيو۔ اچو عوامي تحريڪ ڏانهن انهن جي توپن جا رخ به ايم ڪيو ايم خلاف آهن، مان مڃان ٿو ته ايم ڪيو ايم سنڌ دشمن آهي پر ان کان به وڌيڪ خطرناڪ اسان لاء پنجاب اسٽيبلشمينٽ آهي، جنهن خلاف هنن هن پوري پنجن سالن ۾ ڪجهه ناهي ڳالهايو۔ ٻي ڳالهه ته ايم ڪيو ايم کي ختم به نه ٿو ڪري سگهجي، هاڻي اها حقيقت آهي۔ اچو فنڪشنل ليگ ڏانهن پير سائين هوڏانهن قومپرستن کي گڏ ويهاريو ويٺو آهي ۽ هوڏانهن ايم ڪيو يم، شيخ رشيد ۽ مسلم ليگ وارن سان به روز پيو ميلا ڪري۔ اچو پ پ پ ڏانهن، اهي ته ايم ڪيو ايم جي جهول ۾ ويٺا آهن ۽ ڪرسيء جي ڪڍ آهن، ان لاء ڪجهه به ڪرڻ لاء تيار آهن۔۔۔۔۔۔۔۔ تنهنڪري سنڌ جي سياسي پارٽين مان ته بلڪل مايوس آهيان ۽ ڪالاباغ ڊيم جو اشو اصل ۾ اليڪشن سبب اٿاريو ويو آهي۔ جنهن جو فائدو سنڌ ۾ پ پ پ ۽ پنجاب ۾ نواز ليگ وٺڻ چاهي ٿي۔ ها باقي ڪالاباغ ڊيم مونکي ته ٺهندي نظر ڪونه پيو اچي جو پٺاڻ پنهنجي موقف تان تر جيترو به ناهن هٽيا۔
سائين سليمان صاحب توهان جي ڳاله سان متفق آهيان ته ڪالاباغ ڊيم جو شوشو اليڪشن سبب اٿاريو ويو آهي پر اهو هڪ پي پي تي سائڪلاجيڪل دٻاء آهي ته هو هڪ شوشو ڇڏي ان تي سياست ڪري سنڌي عوام کي اها ڳاله سمجھائي ته ٻيلي اسان توهان جا سڄڻ آهيون ڇو ته هن وقت لوڪل گورمنٽ آرڊينينس کان بعد حڪومت ڪافي پريشر هيٺ آهي ۽ اليڪشن به وري مٿان آهي حڪمرانن کي ڪا سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي پرواه ڪانه آهي انهن لاء اقتدار ئي سڀ ڪجه آهي
سائين واقعي هن وقت ڪابه پارٽي سنڌ جي مفاد لاء ڪونه پئي ڪم ڪري هر ڪوئي سنڌ جي مفاد کي پنهنجي مفاد لاء استعمال ڪري رهيو آهي