• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آف لائن سنڌي ايڊيٽر

سجاد علي چنا

سينيئر رڪن
انتظامي رڪن
ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ
ڪجهه دوستن کي الائي ڇو MB Sindhi جو سافٽويئر انسٽال ڪرڻ ۾ مونجهارو ٿيندو آهي۔ خاص طور تي ونڊوز ايڪس پي تي۔ حالانڪه ٿوري توجهه ڏجي ته ايترو ڏکيو ڪم نه آهي۔ سنڌ سلامت تي کوڙ سارا سکيا جا موضوع پڻ رکيل آهن۔ سو پهرين ڳالهه ته MB Sindhi انسٽالر هر سنڌي ڪمپيوٽر استعمالڪندڙ کي استعمال ڪرڻ گهرجي۔

پر ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو ايم بي سنڌي انسٽال ڪرڻ لاءِ وقت تي ونڊو جي CD نه هٿ ايندي آهي۔۔
جي؟ انٽرنيٽ تي ماجد ڀرڳڙي ۽ سنڌي سلامت جي ويبسائيٽ تي بنا انسٽال ڪرڻ جي سنڌي لکي سگهجي ٿي!؟ جي بالڪل دوستو اها به خبر آهي مونکي. پر جيڪڏهن انٽرنيٽ جو ڪنيڪشن ئي نه هجي، يا وري ڪنهن مسئلي جي ڪري انٽرنيٽ هلي ئي نه ۽ سنڌي لکڻي هجي ته پوء ڇا ڪجي؟ مون سان ته مسئلو اهو آهي جو آفس ۾ انٽرنيٽ آهي ڪونه ۽ MB Sindhi انسٽال ڪرڻ جي اجازت به نه آهي۔
ضرور انهي قسم جي مسئلن سان اڪثر دوستنن جو واسطو پيو هوندو. سو ان پريشاني کي منهن ڏيڻ لاءِ مون ڪجهه مهينا پهريان ماجد ڀرڳڙي جي آنلائن سنڌي نويس ۽ سنڌ سلامت جي انلائن سنڌي ايڊيٽر ويب ايپليڪيشن کي آف لائن استعمال ڪرڻ جي قابل ڪيو هئو. اهي ٻئي آفلائن سنڌي ايڊيٽر مون سان USB ڊيٽا درائيو ۾ هر وقت گڏ رهندا آهن.
سو چاهيان ٿو ته اوهان دوستن سان به ونڊ ڪريان. هيٺ اٽيچ ڪيل ماجد ڀرڳڙي جي سنڌي نويس ۽ سنڌ سلامت جي سنڌي ايڊيٽر ويب ايپليڪيشن کي ڊائونلوڊ ڪريو. UNZIP ڪري بنا انٽرنيٽ ڪنيڪشن جي ۽ بنا ڪنهن انسٽاليشن جي استعمال ڪريو.
سنڌ سلامت ... ساٿ سلامت...
 
مهربانيون ۔۔۔ هي ته ڪم ئي سولو ٿي ويو۔ هاڻي اصل ۾ سڀني ڪمپيوٽرن تي ايم بي سنڌي انسٽال ٿيل آهي۔ ڪنهن اهڙي سسٽم تي هي تجربو ڪرڻو پوندو، جنهن تي ايم بي سنڌي انسٽال ٿيل نه هجي۔

اوهان جي هيءَ ڪاوش به قابل تعريف آهي۔
 
تمام بهترين پر ونڊو ايڪس پي تي ايم بي سنڌي جو مسئلو ڇو ٿو اچي؟
انهي کي حل ڪري ڏيو مهرباني
 
Back
Top