منهنجي ذيشان رشيد سان جڏنهن پهرين ملاقات ٿي (مارچ 2012 ۾) ته هن سان بلاگ جي ڳالهه ڪئي هئم ڇو ته مون ان مهل بلاگ ٺاهيو هو۔ پر نه رشيد جي دلچسپي نه مون کي ڪو ڏانؤ سو ڳالهه اتي ئي رهجي وئي۔ آئون خفن ۾ گُم، رشيد ڪم ۾ گُم ۽ بلاگ به ڪهڙي اي ميل سان ٺهيو سو به گُم۔ هينئر جڏنهن کان رشيد ۽ سجاد علي چنه وري اچي بلاگ جي موضوع کي زندگي ڏني ته سليمان وساڻ ۽ مون بي صبرن کان پهريون ۽ ٻيو سبق پڙهڻ کان پوءِ انتظار نه پُهتو ۽ ڪم اڳتي وڌائڻ لڳاسين۔ اهو ڪم ڪندي اهو اندازو ٿي ويو آهي ته بلاگ ٺاهڻ نه ڏکيو آهي نه سؤلوپر همت ڪجي ته ڪم ٿي ويندو۔ منهنجو بلاگ سليمان وساڻ جو بلاگ
“انفرادي سوچ رڳو پنهنجو اندر ساڙيندي آهي. اجتماعي طور ئي ڪجهه بهتر ڪري سگهجي ٿو. اهي جن جا ويچار ۽ نظريا قابل تعريف آهن جي اهي سڀ هڪ ٿي پون! هڪ به ايئن نه جو اهي سڀ سوچون هڪ ماڻهو ۾ اچن ۽ هو اڪيلو ئي وڙهي سگهي. پر هو ايئن هڪ ٿين جيئن نئيون ملي دريا ٿي پون ۽ دريا ملي سمنڊ ٿي پوي ۽ هڪ اهڙو سمنڊ جنهن لاءِ ڪا روڪ ٽوڪ نه هوندي آهي. هو پاڻ رستو ته پاڻ منزل آ ۔۔۔ ڀلو ٿيو جو اوهان اهو ڪم به ڪري ورتو ۔۔۔ ڀلا جي گهڻيون نئيون هونديون ۽ اچي سنڌ سلامت جي سمنڊ ۾ پونديون ته پاڻي به مزيداري ۽ لاڀائتو ٿيندو ۔۔۔ اوهان سڀني دوستن جا بلاگ هوندا ۽ انهن بلاگن جو مجموعو سنڌ سلامت ته اصل واه واه ۔۔۔ وڌي واڙي لڳي ڀاڳ ۔۔۔ واڌايون قبول پون
تمام سٺو ڪم ۔۔۔۔ اصل واهه واهه اوهان جي بلاگ جو ڀيرو ڀريم، خوبصورت رنگن سان سجايل ۽ اوهان جي سهڻين لکڻين سان ڀرپر لڳو۔ واقعي ئي بلاگ ٺاهڻ واري ڪم تي غور ڪري رهيا آهيون پر الائي ڇو استاد به ڪجهه سست آهن يا مصروف آهن۔ پر وري به دوستن خاص ڪري ذيشان رشيد ۽ سجاد علي چنا کي عرض آهي ته ان ڪم کي ڪجهه اڳڀرو ڪن۔
تمام سٺو بلاگ آهي۔ بلاگ جو اصل حسن بلاگ جو تحريرون ئي هونديون آهن۔ جيڪو اوهان جي بلاگ ۾ نظر آيو۔ اميد ته ٽئين ۽ چوٿين سبق ڏانهن به ڀيرو ڀريندا۔
سنڌي بلاگنگ جو پهريون سبق پڙهي وٺو.. http://www.sindhsalamat.com/threads/19881/ سنڌي بلاگنگ ۾ ڪافي معلومات ملي ويندي.. http://www.sindhsalamat.com/forums/140/