شيرين
سينيئر رڪن
دل کي سڪون ملندو الله جي ذڪر ۾،
انسان ٿي انسان جو احساس رک اندر ۾۔
(1)
نوڙت ۾ سر جهڪائي هستي کي ڇڏ مٽائي،
دنيا ۾ ٿي ديوانو اڳيان جي رهه فڪر ۾۔
(2)
هي محل ماڙيون بنگلا، مايا مڙئي ڇڏيندي،
ڪانڌي ڪلهو ڏئي توکي، ڪابو ڪندا قبر ۾۔
(3)
دنيا ۾ هوش سان هل، آخر فنا ٿئي فاني،
سڀ ڪجهه هتي ڇڏيندي، جيڪي اٿئي نظر ۾،
(4)
صادق نه ٿي اياڻو، ٿيندئي اڳيان پڇاڻو،
قاطب ڪندا حساب تنهنجو اڳيان هشر ۾۔
(محمد صادق خاصخيلي)