صوفي ڪلام

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ شيرين
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

شيرين

سينيئر رڪن
چري کي چوري ويا ڏئي ڏير ڏکڙا،​
ويا ويل ڪهڙي ڪاهي ڪيچ اٺڙا۔​
(1)​
صبح جو اٿي جي ساجهر سويرو،​
نڪي ڏير ڏاگها نه ڏٺئين تن جو پيرو،​
پئي پنڌ پٺيان تن ڪري پيادي پنڌڙا۔​
(2)​
جهڪون جهولا گرميون، تپي تيز واري،​
پنهون ڪاڻ پيادل وڃي پئي ويچاري،​
چڙهيو چوٽ ڏونگر، ڪري ڪيچ سڏڙا۔​
(3)​
وِنگا ور وڪڙ ۽، ڏونگر کي ڏارون،​
جڏي کي جبل ۾ پنهل جون پچارون،​
پڇي پئي مِرن کان،گورن جا گسڙا،​
(4)​
رکي هوت من ۾، آيا ڪا مدائي،​
سڙي سان صادق چئي، نه ڪيئون ڪا چڱائي،​
لوڙي پئي لَڪَنِ ۾، لکيو ڪرم انگڙا۔​
(محمد صادق خاصخيلي)​
 
چري کي چوري ويا ڏئي ڏير ڏکڙا،​
ويا ويل ڪهڙي ڪاهي ڪيچ اٺڙا۔​
(1)​
صبح جو اٿي جي ساجهر سويرو،​
نڪي ڏير ڏاگها نه ڏٺئين تن جو پيرو،​
پئي پنڌ پٺيان تن ڪري پيادي پنڌڙا۔​
(2)​
جهڪون جهولا گرميون، تپي تيز واري،​
پنهون ڪاڻ پيادل وڃي پئي ويچاري،​
چڙهيو چوٽ ڏونگر، ڪري ڪيچ سڏڙا۔​
(3)​
وِنگا ور وڪڙ ۽، ڏونگر کي ڏارون،​
جڏي کي جبل ۾ پنهل جون پچارون،​
پڇي پئي مِرن کان،گورن جا گسڙا،​
(4)​
رکي هوت من ۾، آيا ڪا مدائي،​
سڙي سان صادق چئي، نه ڪيئون ڪا چڱائي،​
لوڙي پئي لَڪَنِ ۾، لکيو ڪرم انگڙا۔​
(محمد صادق خاصخيلي)​
صوفي جي صورتخطي درست ڪيو
 
چري کي چوري ويا ڏئي ڏير ڏکڙا،​
ويا ويل ڪهڙي ڪاهي ڪيچ اٺڙا۔​
(1)​
صبح جو اٿي جي ساجهر سويرو،​
نڪي ڏير ڏاگها نه ڏٺئين تن جو پيرو،​
پئي پنڌ پٺيان تن ڪري پيادي پنڌڙا۔​
(2)​
جهڪون جهولا گرميون، تپي تيز واري،​
پنهون ڪاڻ پيادل وڃي پئي ويچاري،​
چڙهيو چوٽ ڏونگر، ڪري ڪيچ سڏڙا۔​
(3)​
وِنگا ور وڪڙ ۽، ڏونگر کي ڏارون،​
جڏي کي جبل ۾ پنهل جون پچارون،​
پڇي پئي مِرن کان،گورن جا گسڙا،​
(4)​
رکي هوت من ۾، آيا ڪا مدائي،​
سڙي سان صادق چئي، نه ڪيئون ڪا چڱائي،​
لوڙي پئي لَڪَنِ ۾، لکيو ڪرم انگڙا۔​
(محمد صادق خاصخيلي)​
صوفي جي صورتخطي درست ڪيو
مهرباني توهان جي چاچا
 
Back
Top