سنڌ ۾بند پيل اسڪول ڪڏهن کلُندا؟ بدين ضلعي ۾566 اسڪول دادو ضلعي ۾443 اسڪول حيدر آباد ضلعي ۾15 اسڪول گهوٽڪي ضلعي ۾ 126 اسڪول جيڪب آباد ضلعي ۾178 اسڪول ڄام شوري ضلعي ۾201 اسڪول خيرپور ۾ 426 اسڪول لاڙڪاڻي ضلعي ۾66 اسڪول مٽياري ضلعي ۾50 اسڪول ميرپورخاص ضلعي ۾ 263 اسڪول نوشهرو فيروز ضلعي ۾ 84 اسڪول نواب شاھ (بينظير آباد ) ضلعي ۾ 490 اسڪول سانگهڙ ضلعي ۾ 123 اسڪول شڪار پور ضلعي ۾263 اسڪول سکر ضلعي ۾89 اسڪول ٽنڊو الهيار ضلعي ۾ 105 اسڪول ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾262 اسڪول ٺٽي ضلعي ۾194 اسڪول عمر ڪوٽ ضلعي ۾371 اسڪول ۽ سڀ کان وڌيڪ ٿرپارڪر ضلعي ۾ 1086 اسڪول (سنڌ ايڪسپريس2،12،2012 سنڊي ميگ جي ٿورن سان )
دادو ضلعي ۾443 اسڪول ادا دادو جو وزير تعليم صاحب خيرپور ۾ 426 اسڪول ادا خيرپور جو وزير اعلي صاحب شرم اچڻ گهرجي انهن ٻنهي کي خاص ڪري
شرم ته حڪمرانن کي ڪڏهن ناهي آيو، پر مان سوچيان ٿو ته شرم ته اسان سڀني کي اچڻ گهرجي جو اهڙي مسئلي تي سڄي قوم خاموش آهي۔ ٻين مسئلن تي هڙتالون، روڊ رستا بند، ٻٽي نظام تي ايڏي واويلا ۔۔۔۔۔۔۔ پر هي مسئلو انهن سڀني کان اهم آهي۔ جڏهن تعليم ئي ناهي ته هي سڀ نظام ڪهڙي ڪم جا۔ ڪاش ڪو تعليمي انقلاب اچي ۔۔۔۔