سبحان الله، قربان وڃان تنهن سهڻي ڌڻي جي مٺڙي نانو تان سڀ تعريفون ان پالڻهار جون جيڪو سمورن جهانن جو ٻاجهارو پالڻهار آهي۔ جيتري به زندگي ملي آهي ان ۾ صرف ۽ صرف سهني پاڪ الله جي ساراهه ڪرڻ گهرجي ۽ ان جو هر ويل شڪر بجا آڻن گهرجي، الله جي ذڪر ڪرڻ سان دل ۾ نور پيدا ٿي پوي ٿو، ۽ اهو ان ئي ذڪر جو ئي ڪمال آهي جو الله پاڪ جي ذڪر ڪرڻ وارو جڳ جهان ۾ عزت جو اعلي مقام ماڻي ٿو ان جي اڱڻ جي مٽي به مانائتي بڻجي پوي ٿي۔
جئين لطيف سائين فرمايو آهي ته۔
ساري رات سبحان، جاڳي جن ياد ڪيو
ان جي عبد الطيف چئي مٽي لڌو مان
ڪوڙين ڪن سلام ، آڳهه اچيو ان جي۔