شيرين
سينيئر رڪن
ٿي خوب وطن واسي وفادار وطن جو،
سينگهار وطن جو۔
هر ڪن ۾ ۽ هر دم ٿي آڌار وطن جو،
سينگهار وطن جو۔
جنهن کي ٿي وطن پنهنجي سان الفت ۽ محبت،
سيني ۾ صداقت۔
هرحال ۾ سو ٿئي ٿو مددگار وطن جو،
سينگهار وطن جو۔
رک سر تون تري تي ٿي سدا مرد مجاهد،
ٿي حضرتِ خالد،
سالار سپهه جو ٿي عملدار وطن جو،
سينگهار وطن جو۔
مخدوم ٿيڻ چاهين ته ڪر قوم جي خدمت،
رک ديس سان الفت۔
ٿي خوب وطن دوست ۽ دلدار وطن جو،
سينگهار وطن جو۔
هي پاڪ وطن آهي اسان لئي احسن،
گويا ٿيو گلشن،
هر ڪو گل ۽ گلشن ٿيو بي خار وطن جو،
سينگهار وطن جو۔
(حافظ محمد احسن چنا)